گهوٽڪي واسي ٻارڙي جي فوتگي، جاچ ٽيم پهتي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) سکر سول اسپتال جي  چائلڊ وارڊ جي انتظاميه جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل گهوٽڪي جي شانتي ننگر جي رهواسي پورهيت رياض بوزدار جي پنجن سالن جي ٻارڙي راحيلا جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت صحت کاتي طرفان مقرر ڪيل جاچ ڪاميٽي جي ميمبرن ڊائريڪٽر هيلٿ لاڙڪاڻو رستم ڀٽو ۽ ڊي ايچ او شڪارپور عبدالشڪور شيخ گهوٽڪي جي تعلقا اسپتال پهچي جاچ ڪئي ٽيم ٻارڙي جي والد رياض بوزدار، ٻارڙي کي سکر کڻي ويندڙ ايمبولينس جي ڊرائيور اعجاز مهر،ڊاڪٽرياڻين ۽ ايم ايس جا بيان رڪارڊ ڪيا. ياد رهي ته 11 آڪٽوبر تي پورهيت رياض بوزدار پنهنجي ٻارڙي کي تعلقا اسپتال گهوٽڪي ۾ داخل ڪرايو هو جنهن کي سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو پر سول اسپتال سکر جي چائلڊ وارڊ انتظاميه وارڊ ۾ بيڊ خالي نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي بارڙي کي داخل ڪيو هو مجبورن والدين ٻارڙي کي واپس تعلقا اسپتال گهوٽڪي کڻي آيا جتي هوءِ فوت ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.