عوام سان هر ڏکي وقت ۾ گڏ آهيان: صالح جيلاني

واهي پانڌي ( ن ع آ ) واهي پانڌي ايم پي اي پير سيد  صالح جيلاني  طرفان ڪاڇي اندر هلندڙ اسڪيمن جو افتتاح، جوهي ڳوٺ قاسم گوپانگ ۾  گهٽين جي سي سي بلاڪ جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ايم پي اي پير سيد صالح شاھ جيلاني  اسڪيم جو افتتاح  ڪرڻ پهتو، جتي ڳوٺاڻن سندس ڀرپور استقبال ڪندي سندس گل نڇاور ڪيا ويا، يوسي يارمحمد ڪلهوڙو؛ طالباڻي پنهور  اندر روڊن؛ سي سي بلاڪ؛ ڊرينيج اسڪيم جي افتتاح ڪيو ان موقعي تي ايم پي اي سيد صالح شاھ جيلاني عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ سدائين غريب عوام جي خدمت ڪئي آهي، منهنجو مقصد ئي جوهي تعلقي جي عوام  جي خدمت ڪرڻ ۽ جوهي جو هر بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ ئي آهي، اسان پنهنجي عوام جي هر ڏکي گهڙي ۾ ساڻ بيٺا آهيان ۽ بيٺو رهندس،پيرن اگهاڙن کي سدائين ڳل لڳايو آهي اسان جي پارٽي جو منشور ئي عوامي خدمت آهي ايم پي اي سيد صالح شاھ چيو ته پوري تعلقي سميت ڪاڇي اندر درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪيون آهي ڪجھه حد تائين ڪامياب به ٿيا آهيون،نيازي سرڪار ملڪ اندر مهانگائي ڪري غريبن کان جيئڻ جو حق کسي ڇڏيو آهي چور دروازي کان داخل ٿيندڙ وزيراعظم غريبن کي ٻن ويلهن جي ماني کان به مرحوم ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.