پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران مهاڻن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جو اعلان

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران پاڪستان ۽ ھندستان جي ماھيگيرن جي آزادي لا۽ جدوجھد جو اعلان 16 نومبر تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان تاريخي احتجاج ڪرڻ جو اعلان، پاڪستا فشر فوڪ فورم جي مرڪزي اڳواڻن ياسمين شاهه ۽ نور محمد ٿيهمور  ٺٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سمنڊ ۾ مڇيءَ جي شڪار دوران پوري دنيا ۾ ماهيگير سامونڊي حدن جي خلاف ورزي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ٿي رهيا آهن، اهو عمل يورپ، گلف جي ملڪن، آفريڪي ملڪن، ڏکڻ آمريڪي ملڪن، ايشيا جي ملڪن، جهڙوڪ، انڊيا، بنگلاديش، پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ عام آهي. جڏهن ته دنيا ۾ ڪٿي به سامونڊي سرحدن جا نشان موجود نه آهن، ڇو ته اوهان پاڻيءَ ۾ نه لڪيرون ڪڍي سگهو ٿا، نه ئي ديوارون کڙيون ڪري سگهو ٿا. هنن چيو ته ماهيگير مڇيءَ جي شڪار دوران واضح سامونڊي حدن جي نشاندهي نه هجڻ سبب بارڊر ڪراس ڪن ٿا، ته انهن کي سالن جا سال قيد ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ماهيگير ان وقت تائين آزاد نٿا ٿي سگهن، جيستائين ٻنهي ملڪن جي درميان  ماهيگير قيدين جي تبادلي جو ٺاهه نٿو ٿئي. هنن چيو ته اهڙي ان صورتحال ۾ مهاڻن کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، قيدي مهاڻن کي مختلف ڏوهن جي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي سالن جا سال ڌارين ملڪن جي جيل ۾ قيد ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيا جي ملڪن کي هڪڙي ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته، گرفتار مهاڻن تي ملڪي قانون لاڳو ڪرڻ کان اڳ يو اين ڪنوينشن آن لا آف دا سي جي آرٽيڪل 73 کي ضرور ڏسڻ گھرجي، ڇو تي ان آرٽيڪل ۾ واضح لکيل آهي ته، ڪنهن به ملڪ جو مهاڻو، جيڪڏهن ماهيگيريءَ جي دوران ڪنهن ٻئي ملڪ جو بارڊر پار ٿو ڪري، ته اوهان ان کي نه گرفتار ٿا ڪري سگھو ٿا، نه ئي سزا ٿا ڏئي سگھو ٿا. پر ٻئي ملڪ پاڪ ۽ هند آرٽيڪل 73 جي خلاف ورزي ڪري مهاڻن کي گرفتار ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ٻئي ملڪ ان جا سگنيٽري پڻ آهن. هنن چيو ته هن وقت به پاڪستان ۽ ڀارت جا مُهاڻا ٻنهي ملڪن جي جيلن جون اذيتون ڀوڳي رهيا آهن. ڪافي مهاڻا ڪئين سالن کان بند آهن ۽ هو بنيادي انساني ۽ قانوني حقن کان محروم به آهن. ان موقعي تي هنن اعلان ڪيو ته پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان قيدي مهاڻن جي آزادي لاءِ پُرامن احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ 11 نومبر تي جاتي شهر، 13 نومبر تي چوهڙ جمالي شهر ۽ 16 نومبر تي ڪراچي پريس ڪلبن اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪري ٻنهي ملڪن ۾ قيد مهاڻن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.