ميرپورخاص ۾ مغوي نينگري جي آزادي لاءِ بک هڙتال

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) 4 مهينان اڳ مبينا طور اغوا ٿيل 9 ورھين جي فوزيا خاصخيلي جي بازيابي لاء سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران معصوم  نينگري جي والد سان گڏ ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان لڳايل احتجاجي بک ھڙتالي ڪئمپ يارهين ڏينهن به جاري رهيو، احتجاجي ڪئمپ ۾ شريڪ سول سوسائٽي، وڪيل اڳواڻن ۽ خاصخيلي برادري جي ماڻهن نينگري جي بازيابي ۽ پوليس جي نااهلي خلاف نعريبازي ڪئي ويئي،ان موقعي تي مبينا اغوا ٿيل نينگري جي والد نظر محمد خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته عيد الضعيٰ واري ڏينهن 9 ورهين جي معصوم فوزيا کي ڳوٺ مان اغو ڪيو ويو جنهن جي ڪيس حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي پر واقعي کي لڳ ڀڳ 4 مهينان گذرڻ جي باوجود پوليس معصوم نينگري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي، 7 ڏينهن کان احتجاج جاري آهي پر ڪنهن به ڪاموري توڙي سياسي اڳواڻ متاثرن کان ملڻ ۽ آٿٿ ڏيڻ جي به زحمت ناهي ڪئي هنن چيو ته اسان اغوا ۾ ملوث شڪي ماڻهن جا نالا به پوليس کي ٻڌائي چڪا آهيون پر پوليس انهن بااثرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي  هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري فوري طور مبينا اغوا ٿيل معصوم نينگري کي بازياب ڪرائي متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ انصاف جي فراهمي تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.

  • شهدادڪوٽ ۾ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاهيءَ جي سزا

شهدادڪوٽ ( ڊر ) شھدادڪوٽ جي ماڊل عدالت قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ڦاسي سان گڏ 22 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي ,ايڊيشنل سيشن جج سيد اورنگزيب جي عدالت قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار محمد پنھل مگسي کي ڦاهي سان گڏ 22 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي ,جڏهن ته وارثن کي ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 3 سال جيل ڀوڳڻ جي سزا پڻ ٻڌائي آهي. , ٽي سال اڳ قبو سعيد خان ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار محمد پنھل مگسي پسٽل جا فائر ڪري نوجوان صدام مگسي کي قتل ڪيو ھو جنهن واقعي جو ڪيس شھدادڪوٽ جي ماڊل ڪورٽ ۾ ھلندڙ ھو,ڪالھ ڪيس جي ٻڌڻي دوران قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار محمد پنھل مگسي کي ڦاسي جي سزا سان گڏ 22 لک روپيا ڏنڍ جي سزا ٻڌائي آهي.

  • خيرپور ويجهو ٽرڪ جو وين کي ٽڪر، 8 ڄڻا زخمي

خيرپور ( س ر ) خيرپور ڀرسان ڀرسان پير ٻڍڙو اسٽاپ مهراڻ هائي وي تي ٽرڪ جو مسافر وين کيزوردار ٽڪر، 8 ڄڻا سخت زخمي، زخمين ۾ غلام فريد سومرو، فرزانه خاتون، خالدہ زال غلام فريد ۽ ٻيا شامل زخمين کي گمس گمبٽ، ٺري ميرواه، جڏهن ته هڪ ڄڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي پوليس موجب ٽرڪ ڊرائيور گاڏي سميت حادثي بعد موقعي تي فرار ٿي ويو آهي. جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.