گهوٽڪي ۾ پوليس چڙهائي، 2 پورهيت کنڀي گم، امڙجون سکر ۾دانهون

سکر (رپورٽر) خيرپور ۽ گهوٽڪي پوليس جي ڏاڍاين خلاف گهوٽڪي تعلقي جي ڳوٺ غرب آباد جي رهواسي پيرسن عورت مائي ڀانان شيخ ۽ پيرسن عبدالحڪيم شيخ سکر پريس ڪلب  آڏو احتجاج ڪندي صحافين کي ڌايو آھي ته 30 آڪٽوبر تي رات جو دير سان خيرپور بي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او اسلم لغاري گهوٽڪي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سان گڏجي گهوٽڪي تعلقي جي ڳوٺ غريب آباد ۾ گھر تي چڙھائي ڪري ٻن پورهيتن عبدالڪريم پٽ ملان عظمت شيخ ۽ عبدالغفار پٽ علي بخش شيخ کي کنڀي کڻي وڃڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آھي ايس ايڇ او خيرپور ٻنهي پورهيتن جي آزادي لاءِ هڪ لک روپيا رشوت گهري هئي نه ڏيڻ سبب کين هن وقت تائين ظاهر ناهي ڪيو جنهن ڪري اسان کي خدشو آھي ته عبدالڪريم ۽ عبدالغفار کي فل يا هاف فراءِ ڪرڻ سميت ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو غريب آھيون غربت سبب مائي ڀانان جي ٻانهن ۾ پيل راڊون ڪڍرائڻ لاءِ به پئسا ناهن پورهيو ڪري گهر جو چلهو ٻاريون ٿا، چيف جسٽس، وڏو وزير، ڊي آءِ جي سکر ، ايس ايس پي خيرپور ۽ گهوٽڪي نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.