حيدرآباد ۾ گم ٿيل نوجوان هٿ ڪرڻ جو حڪم

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد جي عدالت، 5 مهينا اڳ پرسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان سجاد هاليپوٽو جي بازيابي واري درخواست تي جاچ آفيسر کي نوجوان کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 1 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. حيدرآباد جي علائقي ٽنڊو مير محمود مان گم ٿيل نوجوان سجاد ھاليپوٽو جي امڙ ڪنيزا بانو پاران پٽ جي بازيابيءَ لاءِ داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ جسٽس اقبال ڪلھوڙو ۽ جسٽس امجد سھتو تي مشتمل ڊبل بينچ ڪئي، ٻڌڻي دوارن ڊي ايس پي اورنگزيب عباسي، ايس ايڇ او ۽ لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا، گم ٿيل نوجوان جي امڙ ڪنيزا بانو جي وڪيل اعجاز جتوئي عدالت ۾ دليل ڏنا. نوجوان جي امڙ موقف اختيار ڪيو ته 4 جولاءِ تي پٽ سجاد هاليپوٽو کي اڻڄاتل ماڻهن گھران سڏ ڪيو، ٻاھر وڃڻ کانپوءِ ھو واپس نه موٽيو ۽ گم ٿي ويو، عدالت پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته نوجوان سجاد ڪٿي آھي؟ پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جي آءِ ٽي جي جاچ ھلي پئي، عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريماڪس ڏنا ته جي آءِ ٽي ڪهڙا ماڻهو بازياب ڪيا آهن، ڪيس ۾ هر دفعي رڳو جاچ هلي پئي؟ نوجوان جي باري ۾ ڇا اڳڀرائي ٿي آهي اهو سڌو ٻڌايو، پوليس عدالت کي مهلت جي استدعا ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.