ملير مان لياري گينگ وار جو جوابدار گرفتار

ملير (ڊ ر) ملير سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي وڏي ڪاروائي ڪندي قتل، ڀتا خوري ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث لياري گينگ وار جوابدار منير عرف ڪبوتر باز کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان دستي بم هٿ ڪري ورتو آهي، خبر موجب ملير سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي دوران لياري گينگسٽر عزيز بلوچ جي ساٿاري منير عرف ڪبوتر باز جيڪو مختلف علائقن مان ڀتا خوري ۽ ڪيترن ئي قتل ۾ به ملوث هو کيس دستي به سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس ملير عرفان بهادر  موجب جوابدار ملير ۾ گينگ وار کي ٻيهر فعال ڪرڻ پئي چاهيو، جنهن جي خلاف دهشتگردي جي قلم تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.