اوٻاوڙو لڳ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ زخمي

اوٻاوڙو ( ن ع آ )  اوٻاوڙو لڳ جوڻا برادري ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو فائرنگ لٺيون ۽ بندوقن جا ڪنداق لڳڻ سبب گھر ڌڻي محمد ابراهيم جوڻو سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي وارثن کڻائي اسپتال پھتا،  ان موقعي تي زخمي نوجوان جي وارثن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته جوابدار يعقوب جوڻو، نذير جوڻو، نصير احمد جوڻو ۽ ٻيا پنجاب جي علائقي ڪوٽ سبزل جا رهواسي آھن جيڪي بااثر هجڻ ڪري اسان کان زبردستي حراسان ڪري سنڱ وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهن،  ٻه ڏينهن پهريان جوابدارن پنجاب کان اچي ڏينهن ڏٺي جو اسان جي نوجوان محمد ابراهيم جوڻو جي گهر مٿان فائرنگ ڪري لٺين ۽ بندوقن جي ڪنداق هڻي سخت زخمي ڪري ويا آهن ۽ ڌمڪيون پڻ ڏئي ويا آهن ته اگر اوھان سنڱ نه ڏنو يا اوهان واويلا جي ڪوشش ڪئي ته اوهان کي سري عام قتل ڪنداسين اسين اعليٰ حڪام ايس ايس پي گهوٽڪي کان نوٽس جي اپيل ڪيون ٿا ته جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.