دربدر ٿيندڙ ويڪسينيٽرن جا ڏک

هر دور ۾ عام ماڻهوءَ کي انصاف جي لاءِ  روڊن تي اچڻو پوندو آهي.پر اهو عمل اوهان کي جمهوري دور ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو غير جمهوري دور ۾ ته روڊن تي اچڻ جي اجازت ئي نه هوندي آهي. سرڪار پاران مقرر ڪيل ملازمن  خصوصن ننڍن ملازمن کي ڪنهن نه ڪنهن بنياد تي نئين ايندڙ سرڪار يا عدليه يا وري ڪي ٻيون طاقتور ڌريون هڪڙي ئي ڌڪ سان نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏينديون آهن جنهن کانپوءِ اهي ملازم اوهان کي دربدر ٿيندي نظر ايندا آهن.متاثر ٿيندڙ وري روڊن رستن تي پنهجي آخري واٽ احتجاج واري وٺندا آهن، متاثر ٿيندڙن کي ان احتجاج جي ڏوهه ۾ سنڌ سرڪار  ڪڏهن ڪڏهن پوليس  جي مدد سان سَٽي ڪُٽي اڌ مئو به ڪري ڇڏيندي آهي، جيڪڏهن ان هوندي به اهي متاثر احتجاج کان نه مُڙندا. آهن ته انهن کي گرفتار ڪري ڪنهن نه ڪنهن ٿاڻي جي هوا به کارائي ويندي آهي.

اهو سڀ ڪجهه شايد ان جي لاءِ ڪيو ويندو آهي ته کين اهو ياد ڏيارجي ته اهي  هڪ جمهوري دور ۾ رهن ٿا ، سرڪار جي ممڪن حد تائين ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي حق جي لاءِ احتجاج ڪندڙن  جي هر قسم جي مهماني ڪئي وڃي جيئن کين سموري زندگيءَ اهو ياد رهي ته احجتاج ڪرڻ ڪيترو سولو ڪم آهي.

هن ڀيري به اوهان کي جيڪا ڪهاڻي ٻڌايون ٿا اها به ان لحاظ سان نئين نه آهي، ڇو ته ان کان اڳ به اوهان ڪيترا ئي اهڙا ننڍا ملازم ڏٺا هوندا، ٻڌا هوندا ،جن ڪيترا ئي ورهيه لاڳاپيل ادار ي ۾ نوڪري  به ڪئي هوندي پوءِ وري انهن کي نئين انتظاميه يا وري عدليه  مقررين ۾ انصاف جي تقاضا پوري نه  ڪرڻ  تي انهن کي روڊن تي ڦٽو ڪري ڇڏيو هوندو. اها هتي جي پراڻي روايت آهي. ڏوهه ڪنهن به اداري جو هجي ڀوڳڻو ننڍي ملازم کي پوندو.

هن ڀيري به ساڳيو ورجاءُ ڪيو ويو آهي، هن ڀيري وري وارو آيو آهي، صحت کاتي جي ننڍن ملازمن جو ، يعني بنهه ننڍن ملازمن جو،جن  جي مقرري ۾ قانون جون گهرجون پوريون نه ٿيڻ بابت خود عدليه کي 18 مهينن کانپوءِ خبر پئي.جنهن تي انهن 336 ملازمن کي هڪڙي ئي حڪم سان پنهنجي نوڪرين تا هٿ ڌوئڻا پئجي ويا. جنهن کانپوءِ هنن  جي تنظيم انهن متاثر ٿيندڙن جي مدد لاءِ احتجاج ڪري رهي آهي.

سنڌ جي  صحت کاتي پنهنجي ضرورت جي لاءِ سال 2018 ۾ ويڪسينيٽرن جي مقرري جي لاءِ ٽين ڌر جي مدد سان هنن کان انٽرويو ورتا ،جنهن ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ اهي مقرر ٿيا. مقرر ٿيل ملازمن  سرڪاري خزاني مان پگهارون پڻ ورتيون. انهن سرڪار پاران سندن حوالي ڪيل فرض پڻ انجام ڏنا.  ان کانپوءِ ايئن ٿيو جيئن هر دور ۾ ٿيندو ٿو رهي، ڪنهن بنياد تي عدليه هنن جي نوڪري ختم ڪري ڇڏي.

متاثر ٿيندڙ ننڍا ملازم ڪيترن ئي ڏينهن کان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن، ان سلسلي جو وڏو احتجاج سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ٿي رهيو آهي.

ڪراچيءَ جي پريس ڪلب اڳيان هر وقت پنهنجن حقن، جن کي متاثر ٿيندڙ پنهنجو حق سمجهن ٿا، ان جي لاءِ اوهان کي ننڍڙا ننڍرا ڪئمپ لڳل ڏسڻ ۾ ايندا، انهن ڪئمپن ۾ هڪ ڪئمپ جو اضافو ويڪسينيٽرن پڻ ڪري ڇڏيو آهي، اهي هفتي کان ڪراچيءِ جي روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن.

ان سموري هفتي گذري وڃڻ باوجود ڪا به سياسي ڌر، چونديل اڳواڻ، حڪومت جو ڪو وزير مشير هنن جي ڪا ڳالهه ٻڌڻ نه آيو آهي، ان دوران متاثرن وٽ ڪي صحت کاتي جا آفيسر ضرور آيا آهن پر  هنن جو مسئلو حل نه ٿيو آهي. ان دوران احتجاج ڪندڙن جڏهن وزير اعليٰ هائوس طرف وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين سيکت به ڏني. 30 کن احتجاج ڪندڙن کي گرفتار پڻ ڪيو، اهو آهي اسان جي مهذب سماج جو رويو جيڪو متاثر ٿيندڙن سان اختيار ڪيو ويو.

جيڪڏهن ان تي سوچيو وڃي ته ڀلا  هر دور ۾ ايئن ڇو ٿو ٿئي جو ڪنهن نه ڪنهن سبب جي بنياد تي مقرر ٿيل ملازمن جو ن نوڪريون ختم ڪري انهن ملازمن کي هڪ نئين امتحان ، اذيت مان گذاريو وڃي ٿو ؟ اهي ملازم، پوءِ غلط يا درست مقرر ٿيا آهن،اهي هوا مان اچي ته ڪرسين تي ناهن ويٺا ته، ابا سان کي سرڪاري نوڪري جو آرڊر ڪنهن خلائي مخلوق ڏنو آهي، انهن کي ضرور سرڪاري ڪامورن، آفيسرن انٽرويو وٺي. انهن جا ڪاغذ پٽ چڪاس ڪري پوءِ مقرر ڪيا هوندا. ان صورت ۾ ان سموري عمل جو ڏوهاري ته اهو ادارو۽ ان جا ڪامورا،عملدار ۽ آفيسر ئي آهن ته پوءِ ان جي سزا انهن سمورن ملازمن کي ڇو ٿي ملي ؟

ڀلا انهن آفيسرن هٿان هنن جي مقرر ٿيڻ جي لاءِ به اهي ملازم ئي ڏوهي ٿي پيا، ان کانپوءِ به جڏهن ڪنهن به بنياد تي اهي متاثر ٿين ٿا ته پوءِ ڇا وقت جي سرڪار جو اهو ذمو ناهي ته ان جا نمائندا اچن، احتجاج ڪندڙن سان ملن، انهن کي انسان سمجهي انهن جا ڏک سُور ٻڌن، معاملي جي حل لا سنجيدگي جو مظاهرو ڪن.

ڇا اسان جي سرڪار ان ۾ خوش آهي ته اها هڪ جمهوري سرڪار آهي، ان ئي جمهوري دور ۾ عام ماڻهن کي پنهنجي حقن جي لاءِ رستن تي اچي ڏينهن جا ڏينهن مهينن جا مهينا رڙيون ڪرڻيون ٿيون پون، پوءِ ڇا رڳو ان انتظار ۾ رهجي ته ڪو وڏو معاملو ٿئي ته پوءِ ان طرف ڌيان ڏنو وڃي؟

احتجاج ڪندڙن جا ٻه ئي مطالبا آهن ته برطرف ٿيل 336 ملازمن کي بحال ڪيو وڃي ۽ ٻيو ته کين ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي. بقول احتجاج ڪندڙن جي سرڪار ٻه سال اڳ هنن سان اهڙو واعدو ڪيو هو پر ان تي اڃان تائين عمل نه ٿيو آهي.

هن وقت تائين جي اطلاعن موجب  احتجاج ڪندڙ  ڏهاڪو کن ويڪسينيٽرن پاڻ کي ساڙڻ جو اعلان ڪيو، هن نفسا نفسي، مهانگائي۽ وٺ وٺان جي دور ۾  جتي هر ماڻهون پنهنجي حياتيءَ جي گاڏي کي مشڪل سان ڌڪو ڏئي سگهي ٿو اتي سماجي دٻاءَ جو شڪار ٿي ڪري جيڪڏهن ڪنهن اهڙو ڪو قدم کنيو ته پوءِ ان جو ذميدار ڪير هوندو؟

سرڪار کي ڪنهن به ننڍي يا وڏي احتجاج کي اهم سمجهندي  متاثرن جي تڪليفن کي ٻڌڻ ۽ انهن جي مسئلن تي غور ڪرڻ ۽ ان جو حل ڳولڻ گهرجي، اها ئي جمهوريت آهي۽ اها ئي انسانيت به آهي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.