عوامي آواز ميڊيا گروپ جي اعلان تي سنڌ مُرڪي پئي! 

تحرير؛عامر خان مهيسر

سنڌ موجوده وقت ۾ انتهائي نازڪ حالت مان گذري رھي آھي، ھڪ طرف مذھبي انتهاپسندي عروج تي آھي ته ٻئي طرف سنڌ تي ڌارين جون ڪاھون روز جو معمول بڻيل آھن، سنڌ جا حڪمران ووٽ جي لالچ ۾ ڌارين ماڻهن کي وڏن شهرن ۾ آباد ڪري انهن کي سموريون سهولتون ڏئي رھيا آھن، خوشحال سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بدحالي جي ڪري خودڪشون ڪرڻ تي مجبور آھن پر سنڌ جا حڪمران اگهور ننڍ ۾ سُتل آھن، دنيا جي مختلف ملڪن مان تڙيل ماڻهن کي سنڌ ۾ زمينون ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ڀڳڙن جي مُٺ تي ڏيڻ ۾ سنڌ جا حڪمران مصروف آھن، سنڌين کي ڪڏھن مذھب جي نالي تي لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي ته ڪڏھن مهمان نوازي جي نالي ته ڪڏھن سردارڪي ۽ ڀوتارڪي نظام ذريعي زبانون ڪٽيون ٿيون وڃن

سنڌ ڀٽ جي گهوٽ لطيف سرڪار جي فقيرن، سيد جي ڏنگن ٻارن، سچل جي سرمستن، مست قلندرن، ساميءَ جي چاهيندڙن، شاهه عنايت شهيد جي باغين ۽ مَخدوم بلاول جي عاشقن جي ڌرتي آهي،2 نومبر 2021ع تي جوکين سردارن ڌرتيءَ جي وارث ناظم جوکئي کي سخت تشدد ڪري سندس قتل ڪيو، ناظم سنڌ جو اھو پهريون شهيد آھي جنهن جانورن ۽ پکين کي بچائڻ لاءِ  پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ڌرتيءَ تان قربان ٿي ويو،سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو حقيقي آواز ۽ انهن اٻوجهھ ۽ بي سهارا، لاچار مسڪين ۽ غريب ماڻهن جو سهارو عوامي آواز ميڊيا گروپ گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان انهن جي زبان بڻجي ترجماني ڪري رھيو آھي، 

خاموشی سے تنہائی میں مرنا نہیں منظور، 

اے موت کسی چوک پر سینے سے لگانا

عوامي آواز ميڊيا گروپ طرفان ھڪ اھم وقتائتو ۽ شاندار اعلان ڪيو ويو آھي ته اٺ نومبر کان پنج ڊسمبر تائين سنڌ جو نعرو ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي سري ھيٺ ثقافتي ڏڻ ملهايو ويندوسنڌ ۾ سرداري نظام پاران سنڌين کي غلامن واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي سنڌ جي اندر تقريبن سڀني ضلعن مان سرداري نظام وارو عروج زوال پذير ٿي چڪو آھي پر اتر سنڌ جي مٿين ضلعن ۽ ڪوھستان ٿر ۽ جابلو پٽي ۾ سندن اڃان تائين شهنشاھيت قائم آھي انهيءَ شهنشاھيت جي خاتمي لاءِ  ھاڻي عوامي آواز ميڊيا گروپ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، واھڻ وستي، شهر شهر ۾ اچي ثقافتي ريليون ۽ مچ ڪچهريون ڪري سنڌ جي شعور کي نروار ڪري رھي آھي، 

سرداري نظام ۾ سنڌ جي ھر ڳوٺ، شهر ۾ سردارن جي ڪٽنب جي فردن کان سواءِ سردار ٻين ماڻهن کي انسان ئي نه سمجهندا آھن ۽ سرداري نظام سنڌ جي ماڻهن کان پهريان ته تعليم کسي انهن کي جاھل ڪري رکيو جيئن انهن ۾ شعور جي لاٽ ٻري نه سگهي سردار ڀوتار اھو سوچيندا آھن ته جيڪڏھن انهن ۾ شعور ايندو ته سردارن جي ڳالهھ بنھه ڪونه ٻڌندا تڏھن ته انهن کان سموري زندگي بنگلن ۽ ٻنين ٻارن تي ڪم ڪار وٺي انهن جون توانايون ختم ڪري ڇڏيندا آھن، 

اي سنڌ جا وارثو! اچو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ جي اعلان جي آجيان ڪري ھر ھنڌ ميڙاڪا ڪرائي، ڪانفرنسون ڪوٺائي سنڌ مان ڏاڍ، جبر سرداري نظام جهڙي لعنت جون پاڙون پٽي ڇوٽڪارو ڏياري سنڌ کي خوشحال بڻايون

سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجن جي ڏک ۾ روئي پٽي ويهڻ بجاءِ بهادري سان دشمن سان وڙھڻ جو مثال ڪلاچي جي ماڳ جي وارث مورڙي ميربحر جو به آھي جنهن پنهنجي معذوري کي وساري سمنڊ جي بادشاھ مانگر مڇ کي مات ڏئي سندس پيٽ مان ڀائرن جا لاش ٻاھر ڪڍي امانت زمين حوالي ڪئي ھئي جنهن جو يادگار اڄ به موجود آھي، 

سرداري نظام کي مات ڏيندڙ ھڪ نياڻي ام رباب چانڊيو رُڪ جي ديوار بڻجي سردارن جي ظلمن کي دنيا آڏو وائکو ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي جهڪائي مجرم ثابت ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ ھڪ نئون باب شروع ڪري ڇڏيو آھي، 

اي سنڌ جا وارثو! جيڪي ماڻهو موت جي خوف کان ڏاڍن خلاف آواز نه ٿا اٿاري سگهن ۽ اھو سمجهي رھيا آھن ته پنهنجي بربادي کي دعوت ڏئي رھيا آھيون انهن جي لاءِ  ”عوامي آواز ميڊيا گروپ“ عمل جي ميدان اچي توھان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيهي رھيو آھي، 

اي سنڌ جا وارثو! ھيءَ جدجهد سنڌ واسين لاءِ  مشعل راھ ثابت ٿيندي، 

مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙھي تلوارن سان

اي سنڌ جا وارثو! اچو ته مڙي مُٺ ٿي انهيءَ نعري ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي ھيٺ سنڌ ۾ جيڪا ھر قسم جي غلامي مڙهي وئي آھي انکي شڪست ڏيون، سنڌ ۾ جاگيردانا، سرمائيداراڻو، وڏيرا شاھي، سرداري نظام ھجي يا نسلي ذات برادري جي غلامي ھجي، يا پنجاب اسٽبلشمينٽ جي سامراجي سازش ھجي انهن سمورين شين جي خاتمي لاءِ  توھان کي اٿي بيهڻ جي سگهھ پيدا ڪرڻي آھي، باقي تاريخ جا ورق ڏسي رھيا آھن ته جن مخبرائي، چاپلوسي، ۽ چمچا خوري ڪئي آھي انهن جو حشر تمام برو ٿيو آھي. سنڌ جي اندر اڄ به انهن جا بڻ بڻياد ته ملندا پر سنڌ جي ڪنهن به قبرستان ۾ انهن جون قبرون نظر نه اينديون تن لاءِ  ڀٽائيءَ جون ھي سٽون ياد اچي رھيون آهن ته

هيءُ منهن ڏيئي ٻن، تون وههُ کائي نصرين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.