ارشاد سومرو جي ڪتاب ”صدين جي اڃ“ جو اڀياس

تحرير؛ساجد مسڻ

ميڊم ارشاد سومرو مقامي، دلچسپ ۽ حقيقي موضوعن جي چونڊ ڪندڙ ڪهاڻيڪاره آهي، جيڪا پنهنجي قلمي پورهئي، تخليقي سگهه ۽ صلاحيت جو ڀرپور استعمال ڪندي اسان کي موجوده سماج جو آئينو پنهنجي ڪهاڻين ذريعي ڏيکاري ٿي.سندس ڪهاڻين جو ڪتاب صدين جي اُڃ به اهڙي قسم جو مجموعو آهي، جنهن ۾ اڄ جي حالتن جي مڪمل عڪاسي ٿيل آهي.

سندس ڪهاڻي ”ماسي پليواري“  پڙهڻ سان ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ مان پنهنجي اباڻي ڳوٺ چنهڙ ۾ هجان ۽ ماسي پلي واري کي گهرن ۾ پلي، ٻير ۽ کجور کپائيندو ڏسندو هجان، انهيءَ ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيڪاره جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، اها به اڌ سنڌي اڌ بروهڪي مطلب ته ان ڪهاڻي ۾ ڏاڍي دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي. ڪهاڻي پڙهڻ سان کِل به اچي ٿي ته مزو به اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻولي ڏاڍي پياري ۽ ڊائلاگ به وڻندڙ ۽ مزاحيه استعمال ڪيل آهي.

سندس ڪهاڻي ”سُڪل چپ“ نه صرف موضوع جي اعتبار کان وقتائتي ۽ معني خيز ڪهاڻي آهي، پر انهيءَ ڪهاڻي ۾ اين جي اوز جي دنيا ۾ عياشي ڪندڙ ڪردارن کي وائکو ڪيو ويو آهي، جيڪي معصوم ٿرين جي پئسي ۽ امداد تي شراب ڪباب کائي رهيا آهن. ڪهاڻيڪاره لکي ٿي ته "هوءَ ساڻن ۽ ٿڪيل قدمن سان وک وک کڻي جئين ئي گس وٽ آئي، هن جي سامهون هڪ اين جي اوز جو قافلو نمودار ٿيو، جن جي هٿن ۾ وڏا بينر هئا، جن تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو. گوڙاڻو ڊيم نامنظور، ٿرين سان ناانصافي نامنظور. جيپ ۾ فرنٽ سيٽ تي ويٺل امير، منرل واٽر جي بوتل پي رهيو هو ۽ ڀر ۾ ڊرائيور گاڏي هلائي رهيو هو".”نڀاڳي“ عورت سان ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ، بربريت، ناانصافي، سماج ۾ ملندڙ طعنن مھڻن، ۽ حقارت جي نظر سان ڏسڻ واري الميي جي، جتي جڏهن ڪوبه ڪم نه ٿئي ته ان جو سبب عورت کي ٺاهيو ويندو آهي ۽ کيس نڀاڳي جي طعنن ۽ مهڻن جي تيرن کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي.

جيئن اڳتي هن ئي ڪهاڻي نڀاڳي ۾ ڪهاڻيڪاره  لکي ٿي ته ” مون عاشيءَ کي مڪمل تيار ڪري ماسي سڪينه کي سڏ ڪيو ته هوءَ پنهنجي ڌيءَ کي ڪنوار جي روپ ۾ ڏسي، ماسي سڪينه کيس ڏسي خوشي ۾ نه ٿي ماپي. هڪ ته ڌيءَ ڀاءُ جي گهر پئي وئي، ٻيو وري فرض به پورو پئي ٿيو، جو نياڻي وڃي شينهن ڪلهي تي چڙهي، پوءِ ان کي شينهن جي مرضي آهي ته گهر جي راڻي ڪري يا ڳڀا ڪري کائي ڇڏي". سندس ڪهاڻي ناياب نه صرف درد رکندڙ ڪهاڻي آهي، پر اڄڪلهه جي اوباش ڇوڪرن جي عڪاسي ڪندڙ آهي.هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار طارق قريشيءَ لکيو آهي جنهن ۾ لکي ٿو ته ” سندس ڪهاڻين ۾ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جهڙي پرچار ۽ سادگي آهي.ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي سنڌ جي ناليواري شخصيت آپا گلبدن جاويد مرزا لکي ٿي ته:مون کي سندس ڪتاب انڪري به وڻيو آهي ته هن ۾ ليکڪه نه صرف ملڪي ۽ سماجي مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي. پر ڏاڍ اڳيان هار مڃڻ بجاءِ ان جو مقابلو ڪيو آهي.

سنڌ جي ناليواري ليکڪه شبنم گل سندس لاءِ لکي ٿي ته هوءَ اڻ برابري، منفي روين ۽ غير انساني روين جي مستقل لکڻين وسيلي نشاندهي ڪندي رهي آهي. هوءَ پنهنجي لکڻين سان ڪميٽڊ آهي.  هن ڪتاب جي ٻنهي فلپ سائيڊ تي مير سردار چنڙ ۽ اصغر گگو طرفان پڻ ڪهاڻيڪاره جي تخليق جي باري ۾ رايا شامل آهن. جيڪو سنڌ جي سڀني پيڪاڪ ڪتاب گهرن تي موجود آهي. ڪهاڻي سان دلچسپي رکندڙن دوستن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي. ڪتاب پيڪاڪ پبلشر ڪراچي طرفان شايع ٿيو آهي، ڪتاب 175 صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن جي قيمت 300 روپيا مقرر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.