مُوهن جو دڙو: ان جي نالي بابت ويچار

تحرير؛ڊاڪٽر نواز علي شوق

سنڌ جي ماڳن مڪانن، ٽَنڊن ۽ وانڍين، ڪوٽن، قلعن، قبرستانن، وانئِين ۽ کُوهن، ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا گهڻو ڪري ڪنهن شخص يا ذات جي نالي سان مشهور آهن. اهڙي ريت، ڀِٽون، ڀِڙا ۽ دڙا به ڪنهن نه ڪنهن جي نالي يا ذات سبب مشهور ٿيا. ڪوٽن ۽ قلعن تي محترم اشتياق انصاري شاندار تحقيق ڪئي آهي. سنڌ ۾ مختلف نالن سان جيڪي ٽنڊا، وانڍِيون قديم قبرستان، ڳوٺ، شهر، ڍنڍون ڍورا وانئيون ۽ کُوهه آهن، تن بابت خاطرخواهه تحقيق ڪا نه ٿي آهي.

موهن جي دڙي جي نالي بابت ڪافي عرصي کان بحث هلندڙ آهي. ڪي ’مئن جو دڙو‘ ڪي ’مُوئن جو دڙو‘، ڪي ’مُوهن جو دڙو‘ ته ڪي ’مُهين جو دڙو‘ ٿا ڪوٺين. مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن ۾ مختلف نالا پڙهي، پڙهندڙ منجھي پوي ٿو ته آخر ڪهڙو نالو صحيح آهي؟

نهايت خوشي جي ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت ان دڙي جي نالن جي صحيح صورت خطي بابت هڪ ڪاميٽي ٺاهي آهي، جيڪا سوچ ويچار ڪري ان سلسلي ۾ حتمي فيصلو ڪندي، منهنجي گذارش آهي ته ان ڪاميٽيءَ ۾ رني ڪوٽ ۽ ٻين قديم ماڳن جي صحيح نالن بابت به غور ويچار ڪرڻ گھرجي.

قديم دڙي جي صحيح نالي بابت سنڌ حڪومت جيڪا ڪاميٽي جوڙي آهي، ان جا معزز ميمبر اعليٰ تعليم يافته، سڄاڻ ۽ سياڻا آهن. پر هي مامرو ادب ۽ آرڪيالاجي سان تعلق رکي ٿو. مون کي خبر ناهي ته انهن معزز ممبرن کي آرڪيالاجي جي ڪيتري ڄاڻ آهي، باقي علم ادب جي حوالي سان سائين سردار علي شاهه کي وڏو مقام حاصل آهي.ڪاميٽي جا سڀ ممبر اسان لاءِ قابلِ احترام آهن، پر دستور اهو هوندو آهي ته جنهن مسئلي تي سوچ ويچار ۽ بحث ڪيو ويندو آهي، ميمبر به ان مامري جا ماهر مقرر ڪيا ويندا آهن. جيڪڏهن ائين نه ڪبو، ته پوءِ صحيح فيصلي جو امڪان گھٽ هوندو آهي. هن سلسلي ۾ آئون ڪي تجويزون پيش ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن ڪاميٽي جي معزز ميمبرن کي اهي مناسب معلوم ٿين ته انهن تي ٿڌي سيني غور ڪيو وڃي.سنڌ جي عالمن اديبن کي دعوت ڏني وڃي ته اهي هن قديم ماڳ جي نالي بابت پنهنجا ويچار لکت ۾ سيد سردار علي شاهه صاحب کي موڪلي ڏين. اهڙي ريت دعوتِ عام اخبارن ذريعي ڏني وڃي.

ڪاميٽي جا معزز ميمبر عالمن اديبن جي راين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، وزندار دليلن وارن مضمونن جي چونڊ ڪن، ان کان پوءِ آرڪيالاجي جي ماهرن سان گڏجاڻي ڪري اهي چونڊ مضمون انهن آڏو پيش ڪيا وڃن، يا زباني کين عالمن جا رايا ٻڌايا وڃن. آرڪيالاجي جي ماهرن سان صلاح مشورو ڪرڻ کان پوءِ ڪاميٽي جا معزز ميمبر حتمي فيصلو ڪن. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ ممڪن آهي ته اهو رڳو سرڪاري اعلان سمجھيو وڃي ۽ وري نوان بحث شروع ٿي وڃن ۽ سائين سردار علي شاهه لاءِ نوان مسئلا ٿي وڃن.جَت ۽ ميد (مهاڻا) سنڌ جون قديم ذاتيون آهن. عرب ملڪن ۾ جت کي ”ظت“ سڏيو وڃي ٿو. پنجاب ۾ مهاڻي کي مِياڻو يا مِيانه سڏين ٿا. جيئن ته مهاڻن جو ڌنڌو مڇي مارڻ آهي، تنهن ڪري اهي ڍنڍن ڍورن ۽ دريائن جي ڪنارن، ڪٺارن سان رهن ٿا. سندن ملڪيت آهي ٻيڙيون ۽ رَڇ. گھر به ٻيڙي جي اندر، دادلي درياهه سان سندن دل آهي، تنهن ڪري هڪ پل به ان کان پري نه ٿين.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سُر ڪاموڏ ۾ مهاڻن جي ڪن ذاتين جو ذڪر ڪيو آهي، جهڙوڪ: گندرو، مي، مهاڻو، ماڱر، ملاح، مثلاً ڀٽائي فرمايو آهي:

تون تماچي تڙ ڌڻي، آئون گندري غريب

توسين ڄام، قريب، ڪو ڏَنُ ڇڏائي ڏيج مون

تون سمو آئون گندري، مون ۾ عيبن وِيءَ

پسي مِئڪي ڌيءَ، متان ماڱر مٽئين

تون تماچي تڙ ڌڻي، آئون مُهاڻي مي

مون ڏهاڳ مَ ڏي، آئون جا نالي سُيس تنهنجي

ڄاڻايل دڙي تي جيڪي نالا مشهور آهن، جن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي، يعني مُئن جو دڙو، مُوئن جو دڙو، مَوهن جو دڙو ۽ مُهين جو دڙو. انهن نالن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته مُئلن جاکوڙ دَنب دڙا آهن، ٻيو ته مُوهن ڪير هو؟ جو ان جي نالي پٺيان هن ماڳ تي اهو نالو پيو. تاريخ مان ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي ۽ مُهين جو به ڪو سِرُ منهن نظر نه ٿو اچي. بس انگريز چيو ته اسان ان کي صحيح سمجھيو ۽ ان تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهياسون.جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته ڪن ماڳن تي ڪنهن ذات سبب نالا مشهور ٿيا. مهاڻا مڇي جي ڪاروبار سبب ڍنڍن ڍورن ۽ دريائن جي ڪنارن تي رهن ٿا، ٿي سگھي ٿو ته سنڌو درياهه جي ڪٺار سان ’مي‘ ذات وارن مهاڻن جي ڪا بستي هجي، جيڪا پوءِ ”ميئن جو دڙو“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آئي. پوءِ گهڻو وقت گذرڻ سبب ان جو نالو بدلجي ويو. ڪن مُئن جو دڙو، ڪن مُوئن جو دڙو، ته ڪن ان کي مُوهن جو دڙو سڏيو. انگريزن کي مهاڻن جي قديم ذاتين جي ڄاڻ نه هئي، هنن پنهنجي سوچ مطابق ان جو نالو ”مُهين جو دڙو“ رکيو. بهرحال هن مسئلي تي وڏي ويچار جي ضرورت آهي، اميد آهي ته ڪو خاطر خواهه نتيجو نڪرندو.جيئن ته قديم ماڳن ۽ انهن جي نالن جي نسبت سان ذڪر ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري هتي آئون ڪن ٻين ماڳن بابت، پنهنجا ويچار پيش ڪريان ٿو:

تاريخي ماڳن مڪانن تي نظر ڊوڙائڻ ۽ ويچار ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڪي ماڳ اهڙا آهن، جن جا صحيح نالا ته موجود آهن، پر اهو معلوم ٿي نه سگھيو آهي ته انهن ماڳن تي اهو نالو ڇو پيو؟ ان جي معنيٰ ۽ مفهوم معلوم ڪرڻ ضروري آهي. مان هتي نموني طور ڪن ماڳن جي نالن ۽ انهن جي معنيٰ بابت پنهنجا ويچار پيش ڪري رهيو آهيان. ٻين دوستن کي به سنڌ جي ماڳن مڪانن جي نالن جي نسبت سان سوچ ويچار ڪرڻ گھرجي.

سَرڻي ڪوٽ: هن ماڳ بابت محترم عزيز ڪنگراڻي جو مضمون ڪراچي جي هڪ روزاني اخبار ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ هن ٻڌايو آهي ته، ”سرڻي ڪوٽ ٻڌ مت جو هڪ يادگار ۽ قديم آثار آهي، جيڪو اٽڪل اڍائي هزار سال قديم آهي، هي ماڳ ”نوان جتوئي“ کان ست ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي ۽ نيشنل هاءِ وي جي ”سڌوجا“ اسٽاپ کان پنج ڪلوميٽر اولهه طرف ڳوٺ سَرڻي ڪوٽ ۾ واقع آهي.

هينئر سرڻ لفظ تي ويچار جي ضرورت آهي. ’سرڻ‘ هندي زبان جو لفظ آهي، جنهن جون هي معنائون آهن:

سَرڻ = آسري جي جاءِ، بچاءَ جو هنڌ، حفاظت وارو هنڌ، پناهه، آسرو، ڀروسو، حفاظت، مدد، گهر، هوريان هوريان هلڻ. (هندي – اردو لغت، راجيسور راءِ، ص:303)

معلوم ٿئي ٿو ته هي ڪوٽ حفاظت لاءِ ٺاهيو ويو هو ته جيئن ڏکئي وقت ۾ اتي اچي پناهه ورتي وڃي، جڏهن کين دشمنن ۽ حملو ڪرڻ وارن کان خوف محسوس ٿيندو هو، ته اهي ڀڄي اچي ان ڪوٽ ۾ پناهه وٺندا هئا، تنهن ڪري ان تي اهو نالو پئجي ويو. سُر ڌناسري ۾ اهو لفظ ان ئي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو آهي.

مديني جا مِير، سُڻ منهنجا سڏڙا

جي سَرن تنهنجي سِير، سي پار لنگھائين پهيڙا

پِپراسَر: هن ماڳ بابت جاکوڙي جوان محترم عزيز ڪنگراڻي هڪ مضمون لکيو هو، جيڪو ڪراچي جي هڪ روزاني اخبار ۾ شايع ٿيو هو. عزيز صاحب ان مضمون ۾ ٻڌايو آهي ته، ”هي هڪ آبشار آهي، جيڪو ضلعي دادو جي تاريخي شهر واهي پانڌيءَ ويجھو اولهه طرف کيرٿر جابلو سلسلي ۾ قديم قلعن ميان ڪوٽ ۽ ڪارو ڪوٽ جي وچ ۾ نئين نلي يا نري جي وهڪري ڀرسان آهي. پپرا جو مطلب پپر آهي ۽ جڏهن ته سَر جو مطلب ڍنڍ يا تلاءُ يا ڪُنب آهي، پپرا سَرِ جو مطلب ٿيو ”پپر وڻ واري ڍنڍ يا چشمو، پپرا سَر آبشار واري ڪُنب وٽ پِپر جا ننڍا وڻ آهن، جنهن ڪري مٿس نالو ”پپرا سَر“ پيل ڀانئجي ٿو. پِپر جي وڻن سبب سندس خيال آهي ته ممڪن آهي ته هيءُ ماڳ ۽ آبشار ٻڌمت سان تعلق رکندو هجي.“هن ماڳ جي نالي جي معنيٰ جيڪا عزيز ڪنگراڻي صاحب ڏني آهي، سا لک لهي. پر منهنجي ويچار موجب ممڪن آهي ته اهو ”پِپرا“ نه پر ”پَبِترا“ هجي، ۽ پوءِ گهڻو وقت گذرڻ سبب نالو بدلجي ويو هجي. هي ماڳ پراڻو آهي، پپر جا وڻ ننڍا آهن، جي بعد ۾ پوسل جي ڪري پيدا ٿيا، وڻ وڏا هجن ها، ته پوءِ پِپرن جي مناسبت سان ”پپرا سَر“ موزون نالو ٿي سگھي ها. هاڻي اچو ته ”پبترا“ ۽ انهن سان ملندڙ جلندڙ لفظن جي معنائن تي ويچار ڪريون.

پَبت (پوِتر) = پاڪ، بي عيب، صاف، نفيس خالص.

پَبِتر (پَوِتر) = گناهه کان پاڪ، صاف، بي عيب، خالص، نفيس.

ان مان لفظ پَبترا (پَوِترا) ٺهيو، جنهن جون هي معنائون آهن:

پبترا (پَوِترا) = ’ڪُشا‘ نالي هڪ گاهه مان ٺهيل ڇلو، جيڪو مذهبي رسمون ادا ڪرڻ وقت پائيندا آهن، سون چاندي وغيره جي ”منڊي“.ان ئي قبيلي جو هڪ ٻيو لفظ ”پَبترتا“ آهي، جنهن جي هيءَ معنيٰ آهي:

پَبترتا (پَوِترتا) = پاڪائي، پاڪيزگي، تقدس.

(ڏسو هندي – اردو لغت، راجيسور راءِ، ص:145)

معلوم ٿئي ٿو ته گنگا ندي وانگر ان تلاءَ يا چشمي جو پاڻي پاڪ سمجھيو ويندو هو ۽ عقيدت مند اتي اچي وهنجندا هئا ۽ ڪن خاص ڏِڻن جي موقعي تي ڪي خاص مذهبي رسمون ادا ڪندا هئا.

محترم عزيز ڪنگراڻي صاحب جو هڪ مضمون ”پرياڻي پِيرن جو قبرستان“ جي عنوان سان ڪراچي جي هڪ روزاني اخبار ۾ شايع ٿيو هو، ان مضمون ۾ ڪنگراڻي صاحب ٻڌايو آهي ته، ”هي قبرستان ضلعي دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي شهر خانپور جي ڏکڻ اوڀر ۾ لڳو لڳ واقع آهي، هن قبرستان ۾ ڪنهن جا قبا آهن؟ پَرياڻي پِير ڪير هئا؟ ان بابت تاريخ خاموش آهي. قبرستان جي سنڀال ڪندڙ جي روايت موجب اهي پِير پَرِي جو اولاد آهن، تنهن ڪري پَرياڻي پِير سڏجن ٿا.“

محترم عزيز ڪنگراڻي صاحب ان کي هڪ ڏند ڪٿا سمجھي ٿو. واقعي اها روايت صحيح نه آهي ان کي هڪ ڏند ڪٿا ئي چئي سگھجي ٿو. ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

جيئن ته هن قبرستان جو نالو ”پَرياڻي“ آهي، تنهن ڪري لفظ ”پرياڻ“ تي غور ڪرڻ گھرجي. هتي ان لفظ جون لُغوي معنائون ڏيئي، پوءِ ان مناسبت سان وڌيڪ ويچار پيش ڪجن ٿا:

پَرياڻ = هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ، رِحلت، روانگي، ڪُوچ، حملو، سَفر، موت. (ڏسو هندي – اردو لغت، راجيسور راءِ ص:178)

محترم عزيز ڪنگراڻي صاحب جي گمان موجب ته، ”ممڪن آهي، هتي دفن ٿيل ماڻهن جو تعلق ڪلهوڙن جي ميان وال تحريڪ سان هجي ۽ بعد ۾ ٽالپرن سان وابسته رهيا هجن، ڇاڪاڻ ته ڪي مقبرا آڳاٽا تعمير ٿيل آهن، ته ڪي بعد ۾ تعمير ٿيل آهن.“منهنجي ناقص راءِ موجب ائين معلوم ٿئي ٿو ته ڪي جنگي جوان هڪ هنڌان ڪُوچ ڪري ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهيا هئا، ته هن هنڌ تي مٿن اوچتو حملو ٿيو ۽ شهيد ٿي ويا. ان مناسبت سان هن قبرستان جو نالو ”پرَياڻي“ پئجي ويو، قُبن جي ڪري کين پِير سڏيو ويو، ۽ بعد ۾ ٽالپرن جي دور جا ڪي معزز ماڻهو يا جنگي سپاهي، اتي دفن ڪيا ويا، اهڙي ريت ان قبرستان ۾ واڌارو ٿي ويو، پر ان قبرستان تي جيڪو ان دردناڪ واقعي سبب نالو شروع ۾ رکيو ويو، سو برقرار رهيو، جيڪو اڄ تائين برقرار آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.