ڪلڀوشن ۽اي وي ايم، گڏيل پارليامينٽ اجلاس سڀاڻي طلب

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر جي صبح 11 وڳي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ بابت حتمي مشاورت ڪئي وئي ۽ 11 نومبر جي صبح 11 وڳي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پارلياماني معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ امڪاني قانون سازي تي ڪابينا ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ ۽ قانوني سڌارن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ ادارن جي سڌارن بابت قانون سازي ڪرائي ويندي. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس بابت به قانون سازي ڪرائي ويندي. ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر جي صبح 11 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.