قومي اسيمبلي ۾ حڪومت کي ٻه ڀيرا شڪست، نيب قانون زبردستي منظور ٿيو ته سپريم ڪورٽ وينداسين: مخالف ڌر

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ حڪومت کي ٻه بل پاس ڪرائڻ جي سلسلي ۾ ٻه ڀيرا شڪست ٿي جڏهن ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ حڪومتي بل پيش ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ مخالف ڌر اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جماعتن حڪومتي قدم روڪڻ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي آهي. اسٽيئرنگ ڪميٽي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ امڪاني طور حڪومتي قانون سازي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي طئي ڪندي. ڪميٽي ۾ ن ليگ، پ پ، جمعيت علماءِ اسلام، اي اين پي سميت ٻين اپوزيشن جماعتن جا اڳواڻ شامل آهن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارليامينٽ ۾ ميمبرن جي حاضري پڪي بڻائڻ انهن پارٽين جي ذميواري هوندي. واضح رهي ته وفاقي ڪابينا پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر جي صبح 11 وڳي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن ڪالهه قومي اسيمبلي اجلاس ۾ حڪومت کي ٻه ڀيرا شڪست ٿي، حڪومت کي ٻن بلن جي منظوري لاءِ رٿ ۾ ناڪامي ٿي. سرڪار کي 78 ۽ مخالف ڌر کي 127 ووٽ مليا. ان سلسلي ۾ پ پ چيئرمين بلاول مخالف ڌر کي مبارڪون ڏنيون. احسن اقبال چيو ته حڪومت کي ٻه ڀيرا شڪست ٿي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.