بخار جي دوائن جي کوٽ تي ن ليگ جو ايوان ۾ احتجاج

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر احسن اقبال مطالبو ڪيو آهي ته لاهور ۾ بخار جي دوائن جي کوٽ جو نوٽيس ورتو وڃي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي احسن اقبال چيو ته لاهور ۾ ڊينگي جو بدترين حملو آهي، اهو انساني مسئلو آهي، بخار جون دوائون مارڪيٽ مان گم ٿي چڪيون آهن.

  • خورشيد شاهه جي قومي اسيمبلي هال ۾ اچڻ تي آجيان

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبر سيد خورشيد شاهه جي قومي اسيمبلي هال ۾ اچڻ تي آجيان ڪئي وئي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سيد خورشيد شاهه ايوان ۾ آيو ته سمورن مخالف ڌر ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس پرجوش انداز ۾ آجيان ڪئي. مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن سيد خورشيد شاهه جي سيٽ تي وڃي ساڻس هٿ ملايو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.