حڪومت مهانگائي ۾ پيڙجندڙ عوام تي وري ڇپ ڪيرائي ڇڏي، بجلي اڍائي رپيا مهانگي

اسلام آباد ( م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) هڪ ڀيرو وري بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نيپرا جي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ 2 رپيا 52 پيسن جو اضافو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بجلي سيپٽمبر مهيني ۾ فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي، جنهن جي قيمت ۾ نومبر جي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي، جاري ڪيل نوٽفڪيشن موجب بجلي جي قيمتن ۾ ڪيل اضافو ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن صارفين تي لاڳو نه ٿيندونيپرا جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سينٽرل پاور پرچيز ايجنسي (سي پي پي اي) جي درخواست تي بجلي جي قيمت ۾ سيپٽمبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 2 رپيا 52 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.