ايف آءِ اي کنڊ اسڪينڊل جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

لاهور (م ڊ ) پنجاب حڪومت کنڊ جي ذخيره اندوزي ۽ مصنوعي گرانڊ وڪري ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهي آهي، جڏهن ته  ايف آءِ اي به مني لانڊرنگ ڪيسن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڊان موجب ايف آءِ اي لاهور جي ڊائريڪٽر ڊي آءِ جي محمد رضوان ظفر ڊان کي ٻڌايو اسان جاچ ڪنداسين. مارچ ۾ ايف آءِ اي 30 شگر ملن خلاف ڪيس داخل ڪيا جن ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز کي کنڊ جي اگهن ۾ ڦيرڦار ڪندڙ (سپلويٽيو ايجنٽ) سان لاڳاپن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، شهباز شريف، پي ٽي آءِ جي ناراض اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس پٽ. علي ترين، وفاقي وزير خسرو بختيار ۽ سندس خاندان ۽ 2 ميڊيا هائوسز جي شگر ملز جي آفيسرن کي نامزد ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.