ووٽ جي عزت چاهيو ٿا ته بيڪ ڊور رابطا ختم ڪيو: قمرزمان ڪائره

اسلام آباد (م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ قمرزمان ڪائره چيو آهي ته پي ڊي ايم ۾ جان پ پ جي ڪري هئي، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب عوام جا حال هيڻا ٿي ويا آهن. حڪومت ٻين ملڪن سان پاڪستان جي ڀيٽ ڪري رهي آهي. ووٽ کي عزت ڏيو سان مخلص آهيو ته بيڪ ڊور رابطا ختم ڪريو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي قمرزمان ڪائره چيو ته پهريان پنهنجي ساٿين کي ڏسو ته اهي ڪنهن سان گڏ آهن؟ نئين چونڊن جي ڳالهه ڪن ٿا ته هنن جا پنهنجا ساٿي ئي پوئتي هٽي ويندا آهن. اڳوڻا حڪمران چون ٿا ته اسان چاهيون ٿا ته حڪومت 5 سال پورا ڪري. پي ڊي ايم هاڻ ختم ٿي چڪي آهي. جيستائين پيپلز پارٽي پي ڊي ايم ۾ هئي ان ۾ جان هئي.قمرالزمان ڪائره چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ماڻهن کي پريشانين ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ حڪومت ٻين ملڪن سان پاڪستان جي ڀيٽ ڪري رهي آهي. غريب ماڻهن جي بک سبب حالت خراب آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.