عوامي آواز نئين سنڌ اڏڻ لاءِ قوم کي دڳ ڏنو: صوفي حضور بخش

جھوڪ(رپورٽ: محبوب جلالاڻي) سنڌ جي قومپرست ڌرين سنڌ جي مظلوم طبقي جي آواز عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران اعلانيل ”سنڌ جو نعرو، سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي نعري کي نئين سنڌ اڏڻ قرار ڏيندي ثقافتي ڏھاڙو ڀرپور نموني ملھائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ جو کيڙي سو کائي جي نعري جي مالڪ شھيد صوفي شاھ عنايت جي نگري جھوڪ شريف ۾ تقريب منعقد ڪري سردارن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ ماحوليات جي پھرين شھيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي تقريب کي جيئي سنڌ محاذ (سھتو) گروپ جي چيئرمين صوفي حضور بخش خطاب ڪندي چيو ته عوامي آواز سنڌ جي مظلوم طبقي جو آواز آھي، جنھن ھميشه سنڌ جو ڪيس ڀرپور انداز سان وڙھي آھي، ھن چيو ته عوامي آواز سرداري نظام سان ڇوٽڪاري وارو نعرو ھڻي نئين سنڌ اڏي رھي آھي، سنڌ جو ماڻھو عوامي آواز سٿ سان گڏ بيٺل آھي، ھن چيو ته جرڳائي سرداري نظام سنڌ ۾ ناسور بڻيل آھي، جنھن مان جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو آھي، جسقم (بشير) گروپ سجاول ضلعي جي اڳواڻ حاجي خان جلالاڻي چيو ته عوامي آواز سنڌ جو آواز آھي، سنڌ ۾ سردارن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي رستا روڪ ڪرڻي پوندي، تقريب ۾ پريس ڪلب جھوڪ شريف جي جنرل سيڪريٽري علي اڪبر ڪنڀار، پورھيت اڳواڻ محرم خان جلالاڻي، بگو ڪٻر، محبوب جلالاڻي فراز ڪٻر نصر الله جتوئي  ۽ ٻين شھيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته عوامي آواز ھميشه ظلم خلاف جھاد ڪيو آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.