سلمان خان، ڪترينا ڪيف خاطر وڏي قرباني ڏئي ڇڏي

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي دبنگ اسٽار سلمان خان اداڪارا ڪترينا ڪيف جي شادي لاءِ وڏي قرباني ڏئي ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا ۾ باربي ڊول ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار وڪي ڪوشل جي شادي جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته ڏياري جي موقعي تي ٻنهي مڱڻو به ڪري ڇڏيو ۽ تمام جلد شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا.

هاڻ خبر سامهون آئي آهي ته ڪترينا ۽ وڪي ڊسمبر ۾ راجسٿان ۾ شادي ڪندا، جنهن سبب سلمان خان پنهنجي فلم ”ٽائيگر ٿري“ جي شوٽنگ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

سلمان خان پنهنجي فلم جي شوٽنگ ڪترينا ڪيف جي شادي کانپوءِ جنوري ۾ ٻيهر شروع ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.