حڪومت کي بل پيش ڪرڻ لاءِ راءِ شماري ۾ شڪست

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ حڪومت بل پيش ڪرڻ لاءِ راءِ شماري ۾ شڪست کائي وئي.

عورتن کي سوشل ميڊيا تي هراسان ڪرڻ تي سزا جي تجويز جو بل حڪومتي ميمبر اسما قدير قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو.

اپوزيشن ايوان ۾ بل پيش ڪرڻ جي مخالفت ڪئي، جنهن تي فوجداري قانونن ۾ ترميمي بل 2021 کي پيش ڪرڻ جي رٿ تي قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ ٿي.

راءِ شماري ۾ بل جي حمايت ۾ حڪومت پنهنجا پورا نه ڪري سگهي ۽ شڪست کائي وئي پر ڊپٽي اسپيڪر ووٽنگ جو انگ نه ٻڌايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.