ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ قائم ڪرڻ طرف وڌي رهيا آهيون: لمس وائيس چانسلر

ڄامشورو: لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ چيو آهي ته ٻارن جي  بيمارين ۽ صحت جي حوالي سان تمام گھڻي ڪم جي ضرورت آهي ڇو جو اهي ئي اسان جي قوم جو سرمايو آهن،

لمس اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ جي دوري دوران ڳالهائيندي چيو ته ٻارڙن جي علاج جي بهتر سهولتن لاءِ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ جو پورو ادارو قائم ڪرڻ طرف وڌي رهيا آهيون ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي سهڪار سان جلد ان کي مڪمل ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته لمس جي شاگردن، شاگردياڻين، استادن ۽ ملازمن جا مسئلا جلد کان جلد حل ڪيا ويندا ته جيئن اداري جي ساک بهتر ٿئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.