پاڪستاني عوام کي دنيا جي سڀ کان سستي گئس ملي رهي آهي: فواد چوڌري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن اڳ ۾ پيرن تي بيهڻ سکي، هر وقت سازشون ڪري ڪامياب نٿو ٿي سگهجي.

صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن کي ڏيڍ ٻه سال وڌيڪ صبر ڪرڻو پوندو، پوءِ وڌيڪ 5 سال، هي 90 جو ڏهاڪو ناهي جو توهان سازشن ۾ مصروف رهو، نه ليڊر آهي نه پروگرام آهي.

هن چيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون آئين موجب ٿي رهيون آهن، آئين ۽ قانون جي احترام جي شرط تي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، ڳالهين ذريعي هاڻ مسئلن کي مستقل طور ختم ڪرڻو پوندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ميڊيا هر وقت مهانگائي جي حوالي سان ٿرٿلو مچائي رهي آهي، پاڪستاني عوام کي دنيا جي سڀ کان سستي گئس ملي رهي آهي، مارچ کانپوءِ گئس بحران گهٽجي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.