ويوو ”واءِ سيريز“جو سستو فون متعارف

ويوو پنهنجي واءِ سيريز جو هڪ اينٽري ليول سمارٽ فون متعارف ڪرايو آهي.

ڪمپني طرفان ان فون کي سنگاپور ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

ويوو واءِ 15 ايس ۾ اينڊرائيڊ 11 گو ايڊيشن آپريٽنگ سسٽم موجود آهي.

فون ۾ 6.51 انچن جي ايل سي ڊي ڊسپلي ايڇ ڊي پلس ريزولوشن سان گڏ آهي.

واءِ 15 ايس ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيليو پي 35 پراسيسر موجود آهي ۽ ان ۾ ڊوئل سم سپورٽ ڏني وئي آهي.

فون ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 10 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي پر يو ايس بي سي پورٽ بدران مائڪرو يو ايس بي پورٽ فون جو حصو آهي.

فنگر پرنٽ اسڪينر سائيڊ تي آهي جڏهن ته فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا واٽر ڊراپ نوچ ۾ لڪيل آهي.

فون جي بيڪ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ موجود آهي.

فون جي مين ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ هيلپر سينسر ڏنو ويو آهي.

اها فون گرين ۽ بلو ٻن رنگن ۾ دستياب هوندي.

ان فون جي قيمت 133 ڊالر (22 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي پر ڪمپني سنگاپور کان ٻاهر دستيابي جي حوالي سان اڃا ڪجهه ناهي ٻڌايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.