شعيب ملڪ سان شادي ڪرڻ بابت سوال تي عائشه عمر جو جواب

مشهور پاڪستاني اداڪارا عائشه عمر قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شعيب ملڪ سان شادي ڪرڻ بابت واهپيدارن جي غلط فهمي ختم ڪري ڇڏي.

ورلڊ ڪپ ٽي ٽوئنٽي ۾ اسڪاٽ لينڊ خلاف شاندار ڪارڪردتي کان پوءِ عائشه عمر شعيب مڪ سان گڏ ڪرايل فوٽو شوٽ جون پراڻيون تصويرون شيئر ڪيون جنهن تي واهپيدرن تبصرا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا.

اداڪارا ۽ ڪرڪيٽر جي ان فوٽو شوٽ تي مداحن سخت تنقيد ڪئي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن ٻنهي جي شادي بابت چوٻول به شروع ڪري ڇڏيا.

هڪ واهپيدار تصوير تي ڪمينٽ ڪيو ته ڇا اوهان ٻنهي جي شادي جو پروگرام آهي؟

اداڪارا ان تبصري کي نظرانداز نه ڪري سگھي ۽ جواب ڊگھو ڪمينٽ ڪيو.

شعیب ملک سے شادی کرنے سے متعلق سوال پر عائشہ عمر کا جواب

عائشه عمر لکيو ته جي نه بلڪل نه، هن جي شادي ٿي چڪي آهي ۽ هو پنهنجي گھرواري سان گڏ گھڻو خوش آهي.

اداڪارا ڪمينٽ ۾ شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا کي مخاطب ڪندي لکيو ته آئون ٻنهي جي گھڻي عزت ڪندي آهيان، شعيب ۽ آئون سٺا دوست ۽ هڪ ٻئي جا خيرخواهه آهيون، اسان هڪ ٻئي جي عزت ڪندا آهيون، اهڙا رشتا به هوندا آهن دنيا ۾.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.