پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس، اپوزيشن اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي معاملي تي اپوزيشن اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جماعتن حڪومتي قدم روڪڻ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي آهي.

اسٽيئرنگ ڪميٽي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ امڪاني طور حڪومتي قانون سازي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي طئي ڪندي.

ڪميٽي ۾ ن ليگ، پ پ، جمعيت علماءِ اسلام، اي اين پي سميت ٻين اپوزيشن جماعتن جا اڳواڻ شامل آهن.

واضح رهي ته وفاقي ڪابينا پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر جي صبح 11 وڳي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ بابت حتمي مشاورت ڪئي وئي ۽ 11 نومبر جي صبح 11 وڳي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

پارلياماني معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بابر اعواڻ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ امڪاني قانون سازي تي ڪابينا ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ چونڊ ۽ قانوني سڌارن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ ادارن جي سڌارن بابت قانون سازي ڪرائي ويندي.

سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس بابت به قانون سازي ڪرائي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.