ڪراچي: سيڪنڊ ايئر پري انجنيئرنگ جي نتيجن جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي انٽر بورڊ سيڪنڊ ايئر سائنس پري انجنيئرنگ جي سالياني امتحانن 2021 جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

انٽر بورڊ چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر سعيد الدين موجب 24 هزار 170 اميدوار امتحان ۾ شريڪ ٿيا، جن مان 22 هزار 119 ڪامياب ٿيا آهن.

هن ٻڌايو ته 3080 اميدوار اي ون گريڊ، 2123 اي گريڊ ۽ 2825 اميدوار بي گريڊ پاس ٿيا، جڏهن ته 4036 اميدوارن سي، 6605 ڊي ۽ 3450 اميدوارن  اِي گريڊ سان امتحان پاس ڪيو.

چيئرمين جو چوڻ هو ته امتحانن ۾ ڪاميابي جي شرح 91.51 سيڪڙو رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.