ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي، پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم به نامزد

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي ۽ پوليس پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي به جوابدارن ۾ شامل ڪري ورتو آهي.

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ جاچ ٽيم وڌيڪ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته رزاق، معراج ۽ جمال واحد کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ پڇا ڳاڇا لاءِ ٽنهي کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن پوليس ڪيس ۾ اغوا جو قلم 365 شامل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پ پ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي به ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڄام ڪريم سميت 15 کان وڌيڪ جوابدار اڃا تائين مفرور آهن، گرفتار ڄام اويس سميت 3 جوابدار پوليس رمانڊ تي آهن ۽ واقعي جو ڪيس قتل جي قلمن تحت داخل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.