ڪلوئي ۾ زرعي پاڻي اڻلڀ، فصل تباهه، بک هڙتال

ڪلوئي (ن ع آ) ڪلوئي جي رڻ شاخ ڏيپلو مائنر جي آبادگارن جو ٿر ڪول بدين روڊ تي احتجاجي مظاهرو بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. خبر موجب رڻ شاخ ڏيپلو مائنر جي پوڇڙي جي آبادگارن محمد عيسي لنڊ رمضان لنڊ آدم لنڊ شفيع محمد لنڊ ٻين سخت احتجاج ڪندي ٿر ڪول روڊ بلوچ آباد وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري احتجاجي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي جتي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مٿي منڊ ۾ سري عام ايس ڊي او جي معرفت آبادگارن کان سيزن جا پئسا ورتا پيا وڃن جنهن ڪري پوڇڙي ۾ پاڻي نٿو پهچي جنهن ڪري مجبور ٿي اسان هتي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي آهي جيڪا رڻ شاخ ڏيپلو مائنر جي پوڇڙي ۾ پاڻي اچڻ تائين جاري رهندي هوڏانهن آبپاشي عملي پاران ڇڏيل پاڻي سست رفتاري سبب ڪنهن به آبادگار جو وارو ناهي لڳو جنهن ڪري آبادگار طبقو سخت پريشان بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.