صالح پٽ لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، عورت سميت 11 ڄڻا زخمي

سکر (رپورٽر ) صالح پٽ  لڳ ڳوٺ ڪرم مگسي  ۾ پراڻي تڪرار  تان مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ ڪھاڙيون لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب يارنهن  ماڻھون مختيار علي، حبدار علي، ڪرم، ربڏنو، امير علي، غلام حيدر ، ذوالفقار،  چنگل، امام بخش، ميرھزار ۽  ھڪ عورت زخمي ٿي پيا آھن، سڀني زخمين کي تعلقي اسپتال روھڙي نيو ويو آھي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي صالح پوليس ٻڌايو ته مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿيو آھي جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا ھڪ عورت سميت 11 ماڻھون زخمي ٿيا آھن زخمين کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال روھڙي موڪليو آھي جڏھن ته واقعي جو ھن مھل تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.