ٻيلو شھر ويجھو سميجا -ملاح جھيڙي جو زخمي فوت

ٻيلو شھر (رپورٽ: خالد طاهراڻي) ٻن هفتن کان ھلندڙ ملاح سميجا برادري جي ٻن ڌرين۾ زمين جي تڪرار تان ھلندڙ  جھيڙي ۾ گذريل ڏينهن سميجا ڌر طرفان  زمين تي ڪم ڪندڙ ملاح برادري جي نوجوان تي  حملو ڪري رپيٽر جي فائر ۾  زخمي ٿيل 28 سالا نوجوان علي غلام ملاح جناح اسپتال ڪراچي  ۾ فوت ٿي ويو  نوجوان جي فوت ٿيڻ جو ٻدي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏھن ته ٻنھي ڌرين جا ماڻهون مورچابند ٿي ويا علائقي۾ خوف حراس پکڙجي ويو ٻيلو پوليس واقعي واري هنڌ ڳوٺ علو ملاح ۾  پھچي  اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس جا جوان مقرر ڪري ڇڏيا جڏهن ته سميجا برادري جي ھڪ ڄڻو امداد سميجو. کي گرفتار ڪري ورتو ٻئي طرف  جناح اسپتال ڪراچي جي عملي وارثن کي مقامي حد جي پوليس جي اچڻ ۽ لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش ڏيڻ جو چئي ويھاري ڇڏيو ملاح برادري پاران پوليس تي ڌر بڻجڻ جو الزام لاش کي ڄاڻي واڻي روڪرائڻ جو الزام ھنيو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻيلو انسپيڪٽر ربنواز پٺاڻ ٻڌايو ته لاش جي پوسٽ مارٽم ضروري ھوندي آھي  پوليس پارٽي موڪلي رهيا آهيون جيڪا پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪندي  .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.