گهوٽڪي لڳ گم ٿيل نوجوان جو پتو نه مليو، احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گھوٽڪي ويجهو ڳوٺ جيوڻ ڪولاچي واسي اٽڪل 3 هفتا اڳ گم ٿي ويل 17 ورهين جي نينگر عابد حaسين پٽ سهڻو خانڀيري جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، وارثن پاران گهڻي ڳولا باوجود نينگر جو پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن ڪري سندس وارث سخت پريشان آهن، وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر موبائل ۾ ايزي لوڊ ڪرائڻ لاءِ گهران نڪري شهر ويو ته گهر واپس نه موٽيو، مٽن مائٽن سميت مختلف هنڌن تي ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿان به پتو نه پئجي سگهيو آهي، نينگر جي وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ،ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.