گهوڙا ٻاري لڳ نينگر واهه ۾ ڪري فوت، گهر ۾ ڪهرام

گھوڙاٻاري  (ن ع آ)  ورشھر ڳوٺ جان محمد چانڊيو جو رھواسي 12سالا نينگر معجو پٽ ذوالفقار چانڊيو ڳوٺ ڀرسان وھندڙ کاٽي واھ شاخ ۾ پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو ، معصوم نينگر جو لاش ڳوٺ کان اٺ ڪلوميٽري پري ڳوٺ جاڙادالي ۾ ڳوٺاڻن پاڻي ۾ لاش کي لڙھندو ڏسي لاش ڪڍي وارثن کي اطلاع ڏنو ، معصوم نينگر جو لاش وارث کڻائي گھر پھتا ته گھر ۾ قھرام مچي ويو ، فوتي نينگر جي وارثن جو چوڻ آھي ته نينگر معجو چانڊيو مستانو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن رات جو ننڊ مان اٿي ھليو ويندو ھو ، گذريل رات به ھو ننڊ مان اٿي گھر کان ٻاھر نڪري ويو ۽ ڀرسان وھندڙ شاخ جي ڪپ تي وڃڻ ڪري پاڻي ۾ ڪري پيو ، ھنن ٻڌايو ته صبح مان جڏھن ھو ننڊ مان سجاڳ ٿيا ته معصوم نينگر معجو کي بستري تي نه ڏسي سندس ڳولا ڪندا رھيا ، ھنن چيو ته سندن ڪنھن سان به  دشمني ناھي فوتي نينگر مستانو ھو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.