سيوهڻ ڀرسان حادثو، هڪ فوت، 2 ڄڻا زخمي

سيوھڻ(ن ع آ)سيوھڻ ڀرسان ٽول پلازه وٽ موٽر سائيڪل جو سامھون ايندڙ ڪار سان زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ۽ ھڪ نينگر سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي ويا فوتي نوجوان جو لاش ۽ ٻنھي زخمين کي سيوھڻ جي سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ منتقل ڪيو ويو جتي فوتي جي سڃاڻپ خيرپور ميرس جي ڳوٺ منگھڻ واري واسي 26 ورھين جي نوجوان عنايت پٽ الھ وڌايو ميتلو طور ڪئي وئي ۽ ز خمين جي سڃاڻپ عدنان پٽ سجاد ميتلو عمر 6 سال ۽ بشير ميتلو عمر 29 سال طور ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ھڪ زخمي بشير ميتلو جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. چيو وڃي ٿو ته موٽرسائيڪل سوار خيرپور ميرس کان موٽر سائيڪل تي سوار قلندر لعل شھباز جي مزار تي سکا کڻي اچي رھيا ھئا ته سيوھڻ ٽول پلازه وٽ ساڻن حادثو پيش آيو. فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي  بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف حادثو ڪندڙ ڪار جو ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي جڏهن ته سيوھڻ پوليس حادثو ڪندڙ ڪار کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ حادثي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.