شهدادپور لڳ پوليس چڙهائي، عورتن تي تشدد، هڪ ڄڻو گرفتار

شهدادپور (ن ع آ) شھدادپورجي ڳوٺ غلام باگراڻي  جي رهواسين  زوبيده چاچا عبدالله لاشاري  صاحب خاتو  سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي هنن ٻڌايو ته  اسان جي ڳوٺ ۾  پوليس آڌي رات ڇاپو هڻي اسان جي عورتن ۽  ڀائرن تي تشدد ڪري اسان جي نوجوان  شاهنواز پٽ عبدالله  لاشاري کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهن هن وقت پوليس اسان جو نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو آهي.هنن خدشو ظاهر ڪيو کيس ماريو نه وڃي هنن نوجوان جي آزادي ۽انصاف جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.