ٿرڪول بلاڪ ون تي پاور پلانٽ ويجهو سامان کي باهه، لکن جو نقصان

اسلام ڪوٽ ( ت ر ) ٿرڪول بلاڪ ون تي پاور پلانٽ جي ويجهو چند ئي فوٽن تي اسڪريپ جي پيل سامان کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ اسڪرين جو پيل قيمتي لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو،  انتظاميا پهچي ڪنٽرول باھ تي ڪيو، جڏهن ته چند ئي فوٽن تي موجود 1360 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ ذري گهٽ باھ کان بچي ويو.

  • ڪلوئي ۾ پيرسن جو بااثرن خلاف احتجاج

 

ڪلوئي (ن ع آ) ڳوٺ ڪير ٻارو جي پيرسن مٺن ھوٿي جو ڳوٺ جي بااثر ماڻھن خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي اسلم عمر محمد بخش ۽ ٻين ٿر جي سروي زمين تي قبضو ڪري لنگھ بند ڪر ڇڏيا آهن مون پنھنجي سروي زمين مان ديوي جو ڪاٺ جي گاڏي وڍيو ڄاڻايل ماڻھن ڪلوئي پوليس جي معرفت ڪاٺ جي گاڏي روڪرائي ڇڏيو آهي مون اعلي عملدارن سان گڏوگڏ علائقي جي چڱن مڙسن کي ڌانھو ڏنيون آهن پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آهي پيرسن اعلي اختيارين کان مطالبو نوٽيس وٺي قبضو مافيا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي

  • لاڙڪاڻي پ پ سٽي پاران گڏجاڻي، عهديدار ۽ ڪارڪن شريڪ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پ  پ  سٽي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري انور علي لهر، نائب صدر سردار محمد نواز شيخ، انفارميشن سيڪريٽري وقار علي ڀٽو، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري مير ماجد علي بروهي، سرفراز کوکر، شير محمد لغاري، عبدالباري عباسي سميت شهر جي سڀني يوسيز جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي خير محمد شيخ چيو ته پارٽي جي مرڪزي قيادت ڪو چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، جميل احمد سومرو، نثار احمد کهڙو ۽ ٻين جي هر هدايتن تي پارٽي ورڪر توڙي لاڙڪاڻي واسين هميشه ڀرپور نموني ساٿ ڏئي ثابت ڪيو آهي ته هو ايشيا جي عظيم ليڊر ۽ پارٽي جي باني قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جا سچا جيالا آهن. گڏجاڻيءَ ۾ غلام رسول ڇڄڙو، ظهير احمد ناريجو، آصف علي عباسي، محمد صديق ڪوريجو، نديم ميمڻ، منصور احمد کوکر، ايڊووڪيٽ راشد شيخ، عطاءَ الرحمنٰ مڱڻيجو ۽ ٻين پڻ سرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.