ميهڙ ۾ بدامني جي باهه گهٽ نه ٿي، هڪ ڏينهن 4 وارداتون

ميهڙ  (ن ع آ) ميهڙ شهر اندر بدامني جي باهه گهٽ نه ٿي سگهي شهر جي منصور ڪالوني مان نامعلوم چور واپاري سوز علي چانڊيو جي گهر جي نامعلوم چور ڀت ٽپي گهر مان 2 لک روڪ ۽ لکين روپين جي ماليت جا سونا زيور ڪپڙا ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا جڏهن ته ميهڙ جي لعل شاهه ڪالوني مان اسد سيلروجي گهر ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل نامعلوم چاٻي چور چوري ڪري فرار ٿي ويا انجمن ميلاد ڪاميٽي جي اڳواڻ فراز چنا جي ڀاء اسلم چنا فارس مهيسر کان نامعلوم ڦورن هاء اسڪول وٽ هٿيارن جي زور  تي موٽرسائيڪل موبائل فونون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته لعل شاهه ڪالوني مان ستار بروهي جي دوڪان مان نامعلوم چور پکا ۽ٻيو سامان کڻي ويا جڏهن ته ميهڙ اي ۽ بي سيڪشن پوليس ڏوهن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ اگهور ننڊ ستل آهي ايس ايس پي دادو به ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.