پيرڳوٺ لڳ گم ٿيل نينگر جو پتو نه پيو، وارثن پاران اغوا جو شڪ

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ محمد يوسف ناريجو جو رھواسي ۽ پراسرار نموني گم ٿيل نينگر محبوب علي پٽ وزيرعلي ناريجو وارثن کي هٿ اچي نه سگهيو آھي، گم ٿيل نينگر جي چاچي ممتاز علي ناريجو ميڊيا سان ڳالھائيند چيو آھي ته گهڻي ڳولھا باوجود محبوب ناريجو جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آھي جنهن ڪري اسان ۾ سخت مايوسي ۽ بيچيني پکڙيل آھي، هن شڪ ظاھر ڪيو ته کيس نينگر کي ڀنگ عيوض اغوا ڪيو ويو آھي، هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آھي ته نينگر کي بازياب ڪرائي وارثن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.