گهاري ۾اسڪول جي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش، استادن تي تشدد

ٺٽو(ڊر)گهارو بوائز هاءِ  اسڪول جي پلاٽ تي بااثر قبضا گيرن قبضي جي ڪوشش ڪندي مزاحمت ڪرڻ تي حملو ڪري اسڪول جي ٽن استاد ضمير کوسو، شريف گجر ۽ امير لاشاري کي سخت زخمي ڪري وڌو، جنھن بعد اسڪول جي استادن ۽ شاگردن پاران استادن تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪري بوائز ھاء اسڪول گهارو جي سامهون ٺٽو/ڪراچي قومي شاهراھ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪندي استادن چيو ته سياسي بااثر شخص هاء اسڪول گهارو جي پلاٽ ۽ گرائونڊ جا ڪوڙا ڪاغذ پنهنجي ڪمدار جي نالي ٺهرائي مسلسل قبضي جون ڪوششون ڪندو رهي ٿو ۽ اسڪول جي پڙھائي دوران اوچتو مٽي لاهي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ٻاهر نڪرڻ تي اسانجي ٽن استادن ضمير کوسو، شريف گجر ۽ امير لاشاري کي زخمي ڪيو ويو، جيڪا استادن سان وڏي ناانصافي آھي. ھنن گھر ڪئي ته بااثر شخص ۽ سندس ڪمدار هاشم سولنگي ۽ محمد علي سولنگي خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري استادن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. احتجاج دوران پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي احتجاج ڪندڙ استادن وٽ پھچي استادن کي زخمي ڪندڙ حملي آور جوابدار جي گرفتاري جي خاطري بعد استادن احتجاج ختم ڪيو، جنھن بعد گهارو پوليس ڇاپا هڻي بااثر سياسي شخصيت جي ڪمدار محمد علي سولنگي، نور محمد ۽ بھادر سولنگي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، ٻئي طرف گسٽا ضلعي ٺٽي جي صدر علاؤالدين بروهي جي اڳواڻي ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول گهارو جي زخمي ٿيل سينيئر استاد امير لاشاري جي فرياد تي حملي آور قبضاگير مافيا خلاف گھارو ٿاڻي تي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرائي ورتي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.