جيڪب آباد جو ايس ايس پي بدلي نه ٿيو، ڌرڻو، هندو واپاري معافي وٺي ڇڏي

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي ) جيڪب آباد ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد جي بدلي لاءِ هندو جنرل پئنچائت ۽ انجمن تاجران جي سڏ تي مختلف سياسي، سماجي، مذهبي توڙي واپاري تنظيمن پاران ڪالهه 16 هين ڏينهن به صرافه چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن بعد اڳواڻن پاران ٻن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي. لال چند سيتلاڻي جکراڻي هائوس وڃڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي تحريڪ هڪ هفتي تائين ملتوي ڪري نئين سر تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان موقعي تي انجمن تاجران سنڌ جي نائب صدر مير احمد علي بروهي، پ پ پ شهيد ڀٽو جي نديم قريشي نور محمد منجهو، منظور ڀٽو. جي يو آءِ جي مولانا عبدالجبار رند حمادالله انصاري حافظ مير محمد بنگلاڻي ايس يو پي جي فدا لکڻ ايس ٽي پي جي عمر سولنگي.دلمراد لاشاري صرافه يونين جي جمالدين لکڻ ايم ڊبليو ايم جي وسيم  لطيف مهر موبائل يونين جي شمس سومرو.بي اين پي جي گلاب بلو مقبول لاشاري عبدالطيف سومرو ۽ ٻين سميت هندو برادري دڪاندارن واپارين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي واپاري اڳواڻ  احمد علي بروهي چيو ته  افسوس آهي ايس پي خلاف بدلي جي احتجاجي تحريڪ کي ٻه هفتا ٿي ويا پر ڪنهن به نوٽيس نه ورتو نه ئي ايس پي جو ڪنهن وار به ونگو نه ڪيو جنهن تي ڏک آهي اسان هاڻي پ پ ۽ پي ٽي آءِ وارن مان ڪابه اميد نه ٿا رکون،  چيف جسٽس نوٽيس وٺي، هن  چيو ته لال چند هندو واپاري آهي هن ۽ خاندان کي بليڪ ميل ڪري خاموش ڪرايو ويو ٻئي پاسي رات دير سان  ھندو جنرل پنچائت جي صدر لالچند سيتلاڻي دوستن سان گڏجي اڳوڻي ايم اين اي اعجاز جکراڻي جي بنگلي تي پھچي ڪري معافي وٺي ڇڏي، ان موقعي تي اڳوڻو ايم اين اي بابل جکراڻي، خالد جکراڻي به موجود ھيا صوبائي صلاحڪار يقين دھاني ڪرائي ته ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ کي مھيني اندر بدلي ڪرائي تنهنجو سيل ٿيل دوڪان کولرائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.