حيدرآباد ۾ چمبڙ ۾ زمين تي قبضي خلاف بک هڙتال

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان چمبڙ جي ديهه ٺل ۾ زمينن تي قبضي خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهري ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، بک هڙتال ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻن،  متاثر هارين ۽ آبادگارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل چيو ته سنڌ ۾ حڪومتي وڏيرن جي سازشن سان غريب هارين ۽ ننڍن آبادگارن  جي زمينن جي کاتن ۾ هيرڦير  ڪري انهن جي زمينن تي قبضا ڪرڻ اڄ جي دور ۾ معمول بڻجي ويو آھي، انهي طرح جو هڪ ڪيس تعلقه چمبڙ جي ديھ ٺل ۾ ٿيو آھي، جتي 283 ايڪڙ جي رڪارڊ ۾ هيرڦار ڪري زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ حڪومتي ماڻهو ننڍن زميندارن جو پاڻي بند ڪري يا زمينن جا کاتا تبديل ڪرائي زبردستي زمينن تي قبضو ڪن ٿا. سنڌ هاري ڪاميٽي جي سوشل سيڪريٽري ڪامريڊ ارباب رستماڻي چيو ته اسين تقريبن 30 کان مٿي ڳوٺن وارا انهي 283 ايڪڙ زمين تي رهائش پذير آھيون، اسين پنهنجي زمينن کي پاڻ آباد ڪري پنهنجو روزگار ڪندا آھيون، اسان هاء ڪورٽ مان اسٽي آرڊر به ورتو آھي ته کاتن ۾ هير ڦير نه ڪئي وڃي پر هاء ڪورٽ جي اسٽي آرڊر کان پوء به اي سي چمبڙ ۽ مختيارڪار چمبڙ اسان جي زمينن جي کاتن ۾ هيرڦير ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.