پڊعيدن ۾ مختيار ڪار نوشهري جي ڪارروائي، دڪانن تي ڇاپا

پڊعيدن ( ن ع  ( پڊعيدن ۾ مختيار ڪار نوشھروفيروز  حفيظ الله ميمڻ جا  سبزي فروٽ ڪريانه جي دڪانن سميت پيٽرول پمپن تي ڇاپا ڪيترائي دوڪاندار دوڪان بند ڪري ڀڄي ويا ڪيترن تي ئي دڪاندارن ۽ سبزي وارن تي مختيار ڪار نوشھروفيروز  ڏنڊ وڌو جڏهن ته دڪانن تي ڇاپا هڻڻ کان پوءِ  پڊعيدن ۾  کنڊ 160 کان لهي 120 رپيا ڪلو وڪامڻ لڳي، ان موقعي تي مختيار ڪار نوشهروفيروز، سيڪريٽر زاهد حسين راڄپر، تپيدار لطيف مري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن کي به مهانگو سامان يا سبزي کپائڻ نه ڏينداسين اگر ڪوبه دڪاندار ريٽ لسٽ کان مٿي سامان وڪرو ڪندو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪري ان جو دڪان پڻ سيل ڪنداسين ۽ ان تي ڏنڊ پڻ هڻنداسين، ٻن ڏينهن کان پوءِ  اسان وري پڊعيدن جي دوري تي اينداسين ڪنهن به دوڪاندار جي هٿان غريب عوام کي ڦرڻ نه ڏينداسين، کنڊ 5800  سئو رپيا ڪٽو ۽ في ڪلو 120رپيا دوڪاندار وڪڻن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.