ٺٽي ۾رولو ڪتن جو آزار نه گهٽيو،نينگري ڏاڙهي زخمي

ٺٽو(ڊر) ٺٽو ۽ ان جي آسپاس رولو ڇتن ڪتن جو آزار گھٽجي نہ سگھيو، وڌيڪ ھڪ معصوم نينگري ڪتن جي ڏاڙھڻ سبب زخمي اسپتال داخل، تفصيل موجب رولو ڇتن ڪتن حملو ڪري يوسي ڪلانڪوٽ جي ڳوٺ سليمقن سمون جي رھواسي غلام مصطفي سمون جي معصوم نياڻي کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو آھي، جنھن کي سول اسپتال مڪلي ۾ داخل ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن غلام الله ويجھو علي بخش ولد دين محمد منڇري کي رولو ڪتن ڏارھي زخمي ڪري وڌو هو، جيڪو پڻ علاج ھيٺ آھي، جنھن جي زخمي ٿيڻ جو ڊي سي ٺٽو غظنفر قادري پاران فورن نوٽيس وٺندي ٽي ايم او گھوڙا ٻاڙي عبدالغفور ھيجب جاکرو کي ھدايت ڪئي تہ ھو فورن تفصيل حاصل ڪري کيس ڄاڻ ڏي، جنھن بعد ٽي ايم او عبدالغفور جاکرو متاثر نينگر وٽ پھچي ڪتي جي ويڪسين لڳائڻ بابت ڄاڻ ورتي، جنھن تي زخمي نينگر ۽ سندس ڏاڏي ٻڌايو ته اسان ھيلٿ سينٽر ور مان ڪتي جي زھر ختم ڪرائن واري ويڪسين لڳرائي آھي، ٻيو ڊوز 9 تاريخ تي لڳندو ، ان موقعي تي ٽي ايم او عبدالغفور ھيجب جاکرو متاثر نينگر سان ھمدردي جو اظھار ڪندي پنھنجي طرفان کيس 5 ھزار روپيہ ڏنا ۽ چيو تہ جلد ڪتا مار مھم شروع ڪري عوام کي رولو ڇتن ڪتن جي ازار مان نجات ڏياري ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.