هارين کان زوريءَ زمينون ڦرڻ جي نئين ڪوشش

سنڌ ۾ لوڪ ڏاهپ جو وڏو خزانو موجود آهي . ڪنهن زماني ۾ڪنهن اهو چيو هو ته نيچ نوڪري،وڌندڙ واپار، اُتم کيتي. اهي ۽ اهڙا ٻيا بي شمار گفتا سنڌ ۾ لوڪ ڏاهپ جو عڪس آهن، ان ڳالهه کي اڄ به ڪيترائي ماڻهون پنهنجو ورثو سمجهن ٿا، نه رڳو ايترو پر ڪيترائي ماڻهون ان ڳالهه تي مڪمل طور عمل به ڪن ٿا ، انڪري هو نوڪري کي نيچ سمجهن ٿا. کيتي کي اُتم سمجهن ٿا. اهيو ته آهي  لوڪ ڏاهپ وارو پاسو پر هن وقت اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ. وڏيرن، وڏن زميندارن، جديد دور جي هوشيار آبادگارن ، ڍينگ زميندارن توڙي سندن ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺل سرڪار، زرعي کاتو، روينيو کاتو ۽ ۽ انهن کاتن جا راشي ڪامورا غريب هارين جي لاءَ ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهن.

مٿي ذڪر ڪيل سمورين ڌرين گڏجي ڪري ننڍن هارين  کان زوري زمين خريد ڪرڻ جي لاءِ هارين جا سمورا رستا روڪي ڇڏيا آهن، چوڻ جي لاءِ ته اسين هڪ جمهوري دور ۾ رهون ٿا پر هتي  عام هاري ناري۽ پورهيت پنهنجي مرضي سان زندگيءَ گهاري نٿو سگهي .هتي  قانون وڏي ماڻهون جي هٿ ۾ رانديڪو آهي، جنهن سان  هن، غريب،ننڍن هارين،ننڍن زميندارن کي سوڙهو ڪري رکيو آهي.

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جون دانهون ته روز ڪنهن نه ڪنهن هنڌان ٻڌڻ ۾ اينديون ئي رهن ٿيون پر اُن سان گڏ هاڻي ننڍن هارين کي ٻين به ڪيترن ئي طريقن سان رڳو ان جي لاءِ تنگ ڪيو ٿو وڃي ته هوجلد کان جلد پنهنجي زمين وڪرو ڪري وڃن، جنهن جا خريدار به اهي ئي تر جا بااثر وڏير ۽ وڏا زميندار آهن، جي ڪڏهن ڪو ماڻهون زمين وڪرو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته ان کي تنگ ڪرڻ جي  لاءِ روينيو کاتي جا ڪامورا به انهن بااثر زميندارن سان گڏ آهن، اهڙو عمل سنڌ جي عام هارين نارين لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي. جنهن خلاف متاثر هاري احتجاج ڪري رهيا آهن پر سرڪار توڙي واسطيدار کاتو ان طرف ڌيان ڏئي، عام هارين جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪا به ٺوس ڪوشش ڪرڻ واسطي  تيار نظر نٿو اچي.

اهڙيون ڪيتريون ئي شڪايتون پهتيون آهن.جنهن موجب ٽنڊي ا لهيار ۽ بدين ضلعي جي تعلقي ٽنڊوغلام علي جي بهترين زمين جو پاڻي بند ڪرايو ويو آهي ۽ کاتيدارن کي  نادري حڪم جاري ڪيو ويو آهي ته زمين کپايو۽ اها به  اسان کي ڏيو ۽ پنهنجي پسند جي قيمت وٺو.جن ماڻھن زمينون وڪرو نه ڪيون انهن جو زمينون غيرآباد ٿي ويون آهن،  روينيو کاتي  پنهجو ڪمال ڏيکاريندي. زمينن جا کاتا بدلائي ڇڏيا آهن، جن تي زبردستي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ هن ايڪيهن صديءِ ۾ ٿي رهيو آهي، جتي اسين بظاهر هڪ آزاد ۽ جمهوري معاشري جا رهواسي آهيون.تعلقي چمبڙ جي ديھه ٺل  ۾ بئنڪ طرفان نيلام ٿيل زمين 1982 ۾ هارين پنهنجا ڍور ڍڳا وڪرو ڪري  283 ايڪڙخريد ڪئي هئي.  ذڪر ڪيل زمين تي  مالڪاڻن حقن سان  اُتي ،رستماڻي، لغاري،عمراڻي، لنڊ، کوسا ۽ ٻين ذاتين جا هاري آباد آھن.

زمين جي قسطن جمع ٿيڻ کانپوءِ بئنڪ دستاويزن تي رجسٽريون به  ڪري ڏنيون هيون ۽روينيو جي رڪارڊ ۾ مالڪاڻا حقن سان داخلا به رکرائي وئي هئي.پر سال  2010 ۾روينيو بورڊ جي  ميمبر ،کاتيدارن کي چيو ته توهان جا کاتا ۽ رجسٽريون ڪينسل ڪيا ٿا وڃن، جنهن تي آبادگار عدالتي رستو اختيار ڪندي  هاءِڪورٽ ۾ جو در کڙڪايو.عدالت ان تي اسٽي آرڊر ڏيئي ڇڏيو آهي. پر ان هوندي به  روينيو واري  وزير جي چوڻ تي 9 آگسٽ 2021 تي هنن جا کاتا تبديل ڪيا ويا آهن.اهڙِي عمل خلاف متاثر ٿيندڙ مالڪ هاري احتجاج ڪري رهيا آھن پر غيرقانوني ڪم ڪندڙ ماڻھو  نه ته گرفتار ٿيا آھن ۽ نه ئي  وري سندن کاتا بحال ٿيا  آهن.اهڙي قسم جي هڪ شڪايت تعلقي جوهي مان پڻ پهتي آهي. جتي کاتيدارن جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي.

ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ امداد قاضي  ان سلسلي ۾ڄاڻ ڏني آهي ته ان عمل ۾ دادو جو  ھڪ ايم اين ايم ملوث آهي . هن وڌيڪ ٻڌايو ته اها زمين رٽائرڊ استاد علي گوهر سومري جي آهي جنهن تي   ايم اين اي جي ماڻھن  قبضو ڪيو آھي. ڪميونسٽ اڳواڻ موجب ٽنڊي الهيار ،نوابشاهه، لاڙڪاڻي، بدين۽ سانگهڙ  جي ضلعن سميت ڪيترن ئا علائقن ۾ ننڍن هارين سان اهڙو ظالم جاري آهي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته هارين کي قانوني پيچيدگين ۽ مونجهارن ۾ ڦاسائڻ جو دڙڪو ڏئي چيو ٿو وڃي ته  انهن روينيو جي کاتي ۾ اوهان جي زمين جي داخلا نه رکي ويندي هن اهو پڻ الزام هنيو ته  سنڌ سرڪار جي بااثر ڌرين روينيو وارن کي هدايتون ڏنيون آھن ته وڏيرن کي زمينون  وڪرو ڪرڻ جي صورت ۾ روينيو جي رڪارڊ ۾ زمين کي داخل ڪيو ويندو. ڪميونسٽ اڳواڻ هارين سان ٿيندڙ اهڙي ظلم جي نندا ڪندي اعلان ڪيو ته هو هارين جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندا.

سنڌ ۾ ڳچ عرصي کان اهڙي قسم جون شڪايتون اچي رهيون آهن پر  لاڳاپيل کاتو انهن مسئلن طرف ڌيان ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هڪ حلقي جو اهو خيال آهي ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ زمين وڪروڪرڻ يا زوري زمين جي خريد ڪرڻ  وارو مسئلو 2008 کان پوءِ وڌيڪ آڏو آيو آهي، جنهن جا لاءِ اهو سمجهيو ٿو ڃي ته ان عمل ۾ اقتدار تائين پهچندڙ پارٽي جي ڪجهه حلقن اهڙي لاڙي کي وڌيڪ همٿايو آهي.

اسان هتي وس وارن جو ڌيان هن اهم مسئلي ڏانهن ڇڪائيندي مطالبو ٿا ڪريون ته عوام جي خدمت جي دعويٰ ڪندڙ حڪمران ڌريون  عام ماڻهن جي ڏکن، دانهن جو تدارڪ ڪرڻ جي لاءِ عملي طور تي ڪي اهڙا  قدم کڻي ،جنهن سان اهو محسوس به ٿئي ته انهن متاثر ٿيندڙ ماڻهن سان واقعي به انصاف ٿيو آهي. جنهن جي لاءَ اهو جڳ مشهور جملو به موجود آهي  ته انصاف رڳو ڪيو نه وڃي پر انصاف ٿيندي نظر به اچڻ گهرجي..

 

..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.