تحريڪ لبيڪ کان پوءِ.. تحريڪ طالبان سان هڪ ٻيو معاهدو؟

تحرير؛خالد سعيد

..اهي ڪهڙيون مجبوريون آهن جيڪي اسان کي هر ڀيري باهه ۽ خون جي درياهه  ڏانهن ڌڪي رهيون آهن؟ ڇا اسين ڪنهن بدترين بادشاهت ۾ جيئون پيا. جنهن ۾ رعايا حاڪم جي ملڪيت آهي ۽ ان کي اختيار حاصل آهي ته اهو بي زبان رعايا جي باري ۾ پنهنجي مرضي سان جيڪو چاهي فيصلو ڪندو رهي ؟ اهو ڪهڙو منطق آهي جو اهو ڄاڻندي سمجهندي  به هن رياست کي تحريڪ طالبان پاڪستان سان هڪ ٻئي معاهدي ڪرڻ تي اڀاري رهيو آهي.جيتوڻيڪ ماضي ۾ انهن بي رحم دهشتگردن سان جيترا به لکت ۾ يا بنا لکت ۾ معاهدا ڪيا ويا انهن مان ڪنهن هڪ تي به عمل ٿي نه سگهيو ؟

ڇا هر نئين ڏينهن نون نون هٿيارن جا تجربا ڪندڙ اسان جي رياست ۾ ايتري طاقت  نه آهي جو  اها قتل دهشت تي آماده قاتلن جي هڪ ٽولي جو صفايو ڪري سگهي ؟

ته ڇا اهو مطلب ڪڍيو وڃي ته مستقبل ۾ جيڪو گروپ به قتلام ڪندو اسين ان کان ڏوهن جو ڪو به حساب نه وٺنداسين.بلڪه ان جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکي ڳالهيون ڪنداسين، اسين دعويٰ ڪريون ٿا ته ماضي ۾ ڪامياب آپريشن ڪري اسان قبائلي علائقن مان دهشت گردن جي پاڙ پٽي ڇڏي. ته پوءِ اهي فيڪٽريون ڪٿي ڪم ڪري رهيون آهن  جن ۾ اڃان  تائين انهن جي پيداوار جاري آهي. اهو ته الله ڀلو ڪري آمريڪا جو جنهن ڊرون حملا ڪري نيڪ محمد ،بيت الله محسود، فضل الله ۽ ملا اختر منصور مان اسان جي جان ڇڏائي، نه ته خبر ناهي اسان جو ڪهڙو حال ٿئي ها.

هاڻي وري اهو ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستاني طالبان سان هڪ ٻيو معاهدو طئه ٿي چڪو آهي. پر هتي به تحريڪ لبيڪ وارو معاملو آهي.صفا لڪن به نٿا ۽ سامهون اچن به نٿا. لڪايو ته ان کي ويندو آهي جيڪو عوام جي نظر ۾ غلط هجي،جيڪڏهن اوهين قومي مفاد ۾ ڪو چڱو ڪم پيا ڪريو ته ان کي لڪائڻ جي نه پر ان جي تشهير ٿيڻ گهرجي. ڪنهن کي ڪا خبر ناهي ته پاڪستان طرفان اهي ڳالهيون  ڪير ڪري رهيو آهي.طالبان پنهنجن 102 ساٿين جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.اهي دهشگرد وسيع پئماني تي قتل جي ڪاررواين ۾ ملوث آهن.ان جي باوجود پاڪستان انهن جي آزاديءَ تي آماندگي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

دعويٰ  ڪئي پئي وڃي ته طالبان هٿيار ڦٽا ڪر ڇڏيندا. انهن جو ضامن ڪير آهي ؟ افغان طالبان . اها چورن جي ڌاڙيلن جي ضمانت تي معافي اسين پهريون ڀيرو پيا ڏسون. اهو به ٻڌايو وڃي ته اسان ان کان اڳ انهن ماڻهن سان ڪيترا معاهدا ڪيا ۽ انهن جو نتيجو ڪهڙو نڪتو.. اپريل 2004 ۾ شڪئي واري مقام وٽ مولوي نيڪ محمد ۽ حڪومت وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ٿيون جنهن ۾ اهو طئه ٿيو ته طالبان غير ملڪي ويڙهاڪن کي پاڪستان فوج جي حوالي ڪندا. پر بعد ۾ اهي نه رڳو ڦري ويا بلڪه انهن مقامي چڱن مرسن کي به قتل ڪيو ويو جن معاهدي ۾ مدد ڪئي هئي.

ٻيو امن معاهدو سرا روغه ۾ بيت الله محسود سان ٿيو ۽ ان جي ڪيترن ئي ساٿين کي معافي ڏني وئي، پر ان جو نتيجو اهو نڪتو ته انهن فوج تي حملن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. ٽيون وڏو ۽ اهم امن ٺاهه سوات ۾ ٿيو پر ان کانپوءِ ملا فضل الله صفا بي لغام ٿي ويو ، هن سرڪاري دفترن ۽اهلڪارن کي نشانو بڻايو ۽ نياڻين جي اسڪولن کي باهيون ڏنيون، انهن دهشگردن سان ڪيترا ئي زباني معاهدا پڻ ڪيا ويا  هنن امن جو رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ دهشتگرد  ڪاررواين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو.

اهڙي اڻ وڻندڙ ماضي هوندي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر انهن ماڻهن سان معاهدو ڪري رهيا آهيون ۽ انهن جي ساٿين کي آزاد ڪري رهيا آهيون،ڇا ان معاهدي کان پوءِ واقعي ٽي ٽي پي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندي ؟ ڇا اهي ماڻهون اسان اوهان جهڙا نارمل انسان بڻجي ويندا ؟ ۽ ڇا اهو معاهدو اڳوڻن معاهدن کان مختلف هوندو ؟ ان کان اڳ جيڪي ڳالهيون ٿيون هيون، انهن ۾ ٽي ٽي پي جو سڀني کان وڏو مطالبو پاڪستان ۾ شريعت لاڳو ڪرڻ هو. جيڪڏهن نئين معاهدي ۾ پڻ اهڙي قسم جو شرط مڃيو ويو ته ان جا انتهائي منفي ۽ نقصان ڏيندڙ اثر نڪرندا.

دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي پاليسي ڪنهن به طرح واضح نه آهي ان ۾ بي شمار تڪرار۽ مونجهارا آهن. سڀني کان وڏو سوال اهو  آهي ته جيڪڏهن اهو معاهدو به ناڪام ٿي ويو ته ان جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا  ۽ ان جو زميوار ڪير هوندو ؟ آخر ڪهڙو سبب آهي جو حڪومت انهن ماڻهن کي  سزا ڏيئي عبرت جو نشان بڻائڻ جي بجاءِ انهن کي معاف ڪري رهي آهي ۽ ٻيهر انهن کي پنهنجون ڪارروايون شروع ڪرڻ جو موقعو ڏيئي رهي آهي. ٽي ٽي پي ان معاهدي کي مهلت جي طور تي استعمال  ڪندي ۽ وڌيڪ طاقتور بڻجي ڪاهه ڪندي، ياد رکڻ گهرجي ته ٽي ٽي پي  امن ٺاه جي آڇ نه ڪئي هئي. بلڪه جڏهن انهن کي اها تجويز ڏني وئي  ته انهن ڳالهه ٻولهه سان اتفاق ڪيو. ان جو سبب اهو آهي ته هن وقت ٽي ٽي پي ڪمزور پوزيشن ۾ آهي، ان جا گهڻا ئي ويڙهاڪ پاڪستان وٽ تحويل ۾ آهن. جن کان سواءِ اها وڏي پئماني تي ڪا رٿابندي نٿي ڪري سگهي.

اڃان تائين اهو واضح ناهي ته  انهن ماڻهن جا باقي مطالبا ڪهڙا آهن. ان باري ۾ ٻنهي ڌرين خاموشي اختيار ڪري رکي آهي. ٿي سگهي ٿو ته عوام آخري وقت تائين انهن مطالبن کان بي خبر رهي،دهشتگردن جي باري ۾ اسان جي پاليسي اها ئي آهي ته انهن تي پردو رکندا هلو. پاڪستان ۾ 250 کان وڏيڪ مذهبي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن،جيڪي وڏن دهشتگرد گروپن کي ڪچو مال پڻ فراهم ڪنديون رهنديون آهن.

هاڻي ٽي ٽي پي جي هٿ ٺوڪئي امن معاهدي سان باقي انتها پسند تنظيمن کي اهو پيغام نه ملندو ته خون خرابو ئي سودي بازي جو اصل بنياد آهي ۽ اهي جيتريون  وڌيڪ طاقتور هونديون حڪومت ايتري ئي وڌيڪ انهن اڳيان جهڪندي.۽ جيڪڏهن انهن تي قتل دهشت جا الزام آهن ته ڳالهين جي نتيجي ۾ اهي به معاف ٿي ويندا.

دنيا ۾ ڪٿي به دهشتگردن کي اهڙي طرح معافي نٿي ڏني وڃي،جهڙي طرح سان اسان سلسلو شروع ڪري رکيو آهي. ڇا اسين دنيا کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ هڪ يا ٻن فردن کي قتل ڪندڙ کي ته سزا ڏئي سگهجي ٿي پر جيڪي دهشتگرد لاشن جو ڍڳ لڳائڻ جي ته طاقت رکن ٿا انهن کي سزا ڏيڻ واري قانون تي عمل نٿو ٿي سگهي. انهن لاءِ صرف اهو ئي قانون آهي انهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن. جيڪڏهن اسان پنهنجون اکيون نه کوليون ته اسين اهڙي باهه دکائي ويهنداسين جنهن کان ڪو به محفوظ نه رهندو،۽ اسان جو ايندڙ نسل امن ۽ سڪون لاءِ تڙپندو رهندو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.