تربت ڪمائڻ ويل وڳڻ واسي پورهيت قتل

لعلورائنڪ (رپورٽ: بدرالدين مغيري) وڳڻ شھر جي تونيا پاڙي جو رھواسي ٻه ڏينھن اڳ ڪمائڻ ڇسانگي بلوچستان جي علائقي تربت ويلھو جتي  ٽيھ سالا نوجوان پورھيت سعيد تونيو ريڙھي تي  فروٽ وڪرو ڪندو ھو جتي  موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو سندس قتل واري واقعي جي خبر پوڻ بعد نوجوان جي گھر ۾ روڄ راڙو متل آھي رابطو ڪرڻ تي مقتول نوجوان جي وڏي ڀاءُ ضمير حسين تونيو ،صحافين کي ٻڌايو ته ڀاءُ فروٽ جي ريڙھي تي بيٺو ھُو موٽر سائيڪل تي سوار ھٿياربندن کيس ڪلاشنڪوف جو برسٽ ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي جتان مقتول نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو نوجوان شادي شده ھو کيس ھڪ ٻار جو اولاد آھي مقتول نوجوان ٻه ڏينھن اڳ تربت ڪمائڻ لاءِ ويل ھُو  جنھن جي جنازي نماز ۾ وڳڻ واسين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن عبدالحليم تونيو حاجي عبدالجبار تونيو  ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.