ميهڙ ڪيس ٻڌڻي ملتوي، انصاف ۾ دير سبب سنڌ ۾ ظلم وڌي ويو: ام رباب

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ميهڙ واقعي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سردار خان چانڊيو طرفان داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ رٿيل هئي جتي لاڳاپيل عدالت جي جج جي غير موجودگي سبب پٽيشن جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي. عدالت ٻاهريان ميڊيا سان ڳالهائيندي ميهڙ واقعي جي متاثر ام رباب چانڊيو چيو ته اڄوڪي ٻڌڻي معزز جج جي غير موجودگي سبب ملتوي ٿي آهي پر اسان پاڪستان جي عدليه تي يقين رکڻ وارا ماڻهو آهيون منهنجي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل آهي ته هو نوٽيس وٺن. هن چيو ته ماڊل ڪورٽ ۾ به سالن جا سال ڪيس هلن ٿا ته پوءِ اسان مظلوم ماڻهو ڪنهن مان انصاف جي اميد رکون پر ان جي باوجود اسان پر اميد آهيون هن چيو ته سنڌ ۾ ظلم وڌي ويو آهي ان جو ڪارڻ انصاف ۾ دير ۾ دير آهي عدالت به ڪيسن کي سنجيده وٺن. تازو ناظم جوکيو جو قتل ٿيو، منهنجي گهر ۾ 3 قتل ٿيا ۽ اسراڻن وڏو سانحو ڪرايو افسوس جي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ سنڌ جي عوام جي دشمن ٿي بيٺي آهي اهي ئي ماڻهو ۽ نمائندا اسان مٿان حڪمراني ڪن ٿا جيڪي اسان کي روڊن تي ماريندا وتن ٿا هاڻي سنڌ جو عوام جاگيردارانه نظام خلاف سجاڳ ٿي پيو آهي سردار تڏي تي اچي مظلومن سان همدردي ڏيکارين ٿا ۽ قاتلن سان ياريون ملهائن ٿا سنڌ جو عوام انهن جي رستا روڪ ڪري تڏهن تبديلي ايندي. هن چيو ته ماڊل ڪورٽ فيصلو ڏنو ته سردار خان چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان چانڊيو کي اسان واري ڪيس ۾ ملوث آهن هاڻي اهي ضمانت لاءِ درخواستون ڏئي ٻڌڻيون ملتوي پيا ڪرائن ان مان ظاهر آهي ته هو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪيس مان ڀڄڻ ۽ ڪيس هلائڻ نه ٿا چاهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.