دانهن ڇو ڏني، اوباشن جو پورهيت تي تشدد

ڏھرڪي )ت ر(  ڏھرڪي شھر جي راجا ڪالوني ۾ اوباشن پاران پورھيت جي گھرواريءَ نصيبو ڀيل کي ڇيڙ ڇاڙ جي معززين کي دانھن ڏيڻ جي ڏوهه ۾ چئن جوابدارن وحشياڻو تشدد ڪري گھر ڌڻي عارف ڀيل کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي. جوابدار اھڙي واقعي بعد عارف ڀيل کي نيم بي ھوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. جنھن کي خانگي اسپتال ۾ پھچايو ويو. ان موقعي تي عارف ڀيل ميڊيا کي ٻڌايو ته نوازو ڀيل، کيرو ڀيل، سليم  ڀيل ۽ ڏتو ڀيل وارا منھنجي غير موجودگي ۾ منھنجي گھر گھڙي منھنجي گھر واري نصيبو ڀيل سان ھٿ چراند ڪندا ھئا. ھن چيو ته گھرواري پاران مون کي دانھڻ بعد مون پنھنجي مٽ مائٽن معرفت جوابدارن کي روڪيو پر ھو نه مڙيا جنھن ڪري مان برادري جي چڱن مڙس سميت پاڙي جي معززين کي دانھيو. جنھن تي ڄاڻايل جوابدار مڇرجي پيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.