سنڌ جو بهتر مستقبل ڀوتارڪي نظام جي خاتمي ۾ آهي: اسلام ڪوٽ جا صحافي

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)عوامي آواز پاران”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“جي سِري هيٺ شروع ڪيل جاڳرتا مهم کي ڀرپور موٽ ملڻشروع ٿي ويئي،اُنهي سلسلي ۾ پريس ڪلب اسلام ڪوٽ جي صدر مبارڪ بجير عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جو بهتر مستقبل ڀوتارڪي نظام جي خاتمي سان سلهاڙيل آهي،اُنهي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڀوتارڪي نظام خلاف جهاد ڪرڻو پوندو،هي وقت آهي ته گڏجي وڏيرڪي سوچ جو مقابلو ڪجي،عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران ثقافتي ڏهاڙو سرداري نظام کان ڇوٽڪارو جي عنوان هيٺ ملهائڻ جو بهترين ۽ وقتائتو فيصلو ڪيو آهي،جنهن جي اسان مڪمل حمايت ڪيون ٿا،سنڌ کي سردارن،جاگيردارن،وڏيرن ۽ ڀوتارن تباھ ڪيو آهي، سنڌ جي هر مسئلي تي عوامي آواز پنهنجن ماڻهن لاءِ مورچو ثابت ٿي آهي،جنهن تي اسين فخر محسوس ڪيون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.