پکين سان پيار ڪندڙ ماڻهو ماريا پيا وڃن ٿا: اڳواڻ

ڪراچي(پ ر) گھنور اسراڻ ۽ اويس جوکيوخلاف نفرت، جروار ۾گڏجاڻي، سنڌ سڄاڳي فورم پاران سنڌ سجاڳي فورم جروار جي اڳواڻ بشير گبول، جسقم ڪارڪن وحيد مھراڻ پتافي ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي، نٿي گبول يونٽ جي صدر شوڪت گبول جي اڳواڻيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ گھنور اسراڻ ۽ اويس جوکيو خلاف گڏجاڻي ٿي. باشعور ۽ سڄاڳ ماڻھن چيو ته سرداري پارٽي ڌارين سان گڏجي سنڌ، سنڌي ماڻھن ۽ سنڌ جي سونھن کي تباهه ڪيو آهي. پيرن، ميرن، جاگيردارن هميشه سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن کي لُٽيو ۽ ڦَريو آهي. پکين جي رتو ڇاڻ جي روڪڻ لاءِ جيڪڏهن ناظم جوکئي جھڙا عظيم انسان اُٿن ٿا ته بي درديءَ سان ماريا وڃن ٿا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.